English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سڄي ملڪ ۾ بدامني ۽ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آهي، اسلام آباد فتح ڪرڻ ڪو ڪارنامو ناھي.سراج الحق
256 views
|
19th Mar 2024
•
سنڌي خبرون
سڄي ملڪ ۾ بدامني ۽ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آهي، اسلام آباد فتح ڪرڻ ڪو ڪارنامو ناھي.سراج الحق
ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ بدامني ۽ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آهي، ڪنهن جي جان ۽ مال محفوظ ڪونهي، سڄِي ملڪ مان ماڻهن کي اغوا ڪري هتي آندو ويندو آهي ۽ هتان جا ظالم وڏيرا مڊل مين جو ڪردار ادا ڪندي ڌاڙيلن توڙي مغوين جي وارثن کان پنهنجو حصو وٺن ٿا، هن ريجن ۾ ڀُنگ لاءِ اغوا هڪ ڪاروبار بڻجي ويو آهي. سراج الحق آرمي چيف، صدر پاڪستان ۽ وزيراعظم کان ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي گهر ڪندي چيو ته هي ڪو ڀارت جو علائقو نه آهي، حڪومت، فوج، جديد هٿيار ۽ ٽينڪ موجود آهن، پر تنهن باوجود رياست اندر رياست قائم آهي، آخر هن ملڪ جو ڇو ڪوبه والي وارث ڪونه آهي، اسلام آباد فتح ڪرڻ ڪو ڪارنامو نه، اصل ڪارنامو پنهنجي عوام کي امن ۽ تحفظ ڏيڻ آهي. اليڪشن ته جئين به ٿيو ۽ طاقت توڙي پئسي جي زور تي عوامي مينڊيٽ چوري ڪري هڪ قبضا گروپ کي ملڪ تي مسلط ڪيو ويو، هاڻي انهن کي پنهنجي اصل ذميواريءَ جو به احساس ڪرڻ گهرجي. سنڌ ۾ مڪمل ڌاڙيل راڄ آهي، سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي. پوري ملڪ جي ماڻهن کي اغوا ڪري ٻيٽن ۾ قيد ڪري تشدد جون وڊيوز وارثن کي موڪلي کائنس ڪروڙين روپيا ڀُنگ وصول ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ هتان جي پوليس، ڀوتارن سميت اهم انتظامي عملدار به ملوث آهن. نظرياتي ماڻهو ۽ الله جي دين کي غالب ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندڙ جوڌا مرندا ناهن بلڪ اهي عوام جي ديلن تي راڄ ڪندا آهن. مولانا عبدالحفيظ بجاراڻي به انهن مان هڪ هو جنهن جي ديني، عوامي ۽ سياسي توڙي سماجي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪرمپور ويجهو ڳوٺ امام الدين بجاراڻي ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ۽ مرڪزي شورى جي رڪن مولانا عبدالحفيظ بجاراڻي جي جنازي نماز کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۽ جنازي ۾ شريڪ ماڻهن کي خطاب ڪندي ڪيو. مولانا عبدالحفيظ بجاراڻي گذريل ڏينهن خانپور ويجهو هڪ روڊ حادثي ۾ شهيد ٿي ويو هو، نمازه جنازه ۾ مرڪزي نائب امير مولانا اسدالله ڀٽو، ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي، صوبائي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ، نائب امير ممتاز حسين سهتو، پروفيسر نظام الدين ميمڻ، حافظ نصرالله چنا، سردارزادہ زرياب بجاراڻي، مير اڪبر خان بنگلاڻي، پ پ شهيد جو نديم قريشي، چيمبر آف ڪامرز جو صدر احمد علي بروهي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا حزب الله جکرو، طاهر مجيد، حاجي ديدار لاشاري، مرحوم جو ننڍو ڀاءُ امداد الله بجاراڻي، سياسي سماجي اڳواڻن، مقامي معززين، ويجهن مٽن مائٽن سميت سنڌ توڙي پنجاب ۽ بلوچستان کان آيل دوستن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.#
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سراج الحق
siraj ul haq
jamaat islami
0 تبصرے