English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
هالا ٿاڻي تي پي ٽي آءِ سنڌ جي سينئر نائب صدر ۽ سندس والد سميت 16 ڄڻن خلاف ڦر جو ڪيس داخل، 4 ڄڻا گرفتار
30 views
|
22nd Apr 2024
•
سنڌي خبرون
هالا ٿاڻي تي پي ٽي آءِ سنڌ جي سينئر نائب صدر ۽ سندس والد سميت 16 ڄڻن خلاف ڦر جو ڪيس داخل، 4 ڄڻا گرفتار
ھالا(رپورٽر) پي ٽي آء سنڌ جي سينئر نائب صدر مخدوم محسن، ۽ سندس والد پي ٽي آء اڳواڻ مخدوم فضل سميت 16 ڄڻن تي ڦر جو ھالا ٿاڻي ٿي ڪيس داخل، چاچي ۽ ڀائٽيي ۾ زمين جي معاملي تان پئدا ٿيل تڪرار تيز ٿي ويو،جڏھن تہ رات دير سان ھڪٻئي مٿان فائرنگ بہ ڪئي وئي ھالا ميونسپل ڪاميٽي جي اڳوڻي چيئرمين مخدوم عمار حيدر پنھنجي چاچي مخدوم فضل ۽ سئوٽ مخدوم محسن سميت 10 سڃاتل ۽ 6 نامعلوم جوابدارن مٿان ھالا ٿاڻي تي ڦر جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، ھالا پوليس مخدوم فضل جي مئنيجر سميت چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، مخدوم عمار ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آھي تہ ھالا ڀرسان منھنجي زرعي زمين آھي مخدوم فضل حسين ۽ مخدوم محسن، گل شير ساريو، امان اللّہ ڏاھري، امير بخش ڪنڊاڻي، محمد بخش جسڪاڻي، ساجد شاھ، جاني ساريو، جنيد ساريو، محمد بخش، ۽ 6 نامعلوم جوابدارن ھٿيارن جي زور تي ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪاھي منھنجي زرعي زمين مان ڪڻڪ جو ان ڪڍرائي رھيا ھئا، اھڙو اطلاع مليو، اسان وڃي ڏٺو تہ مخدوم فضل حسين ۽ ٻيا ھٿيارن سان بيٺل ھئا جن کي مون چيو تہ ھي زمين منھنجي حصي جي آھي جن مون مٿان افراتفري ڦلائڻ لاء فائرنگ شروع ڪري ڏني، ۽ 25 مڻ ڪڻڪ ڦر ڪئي ۽ موت مار ڌمڪيون ڏنيون، اھڙو اطلاع اسان ھالا ٿاڻي تي ڏنو جيڪا پوليس اتي بروقت پھچي وئي، رات دير سان ٻنھي ڌرين ھڪٻئي مٿان فائرنگ ڪئي وئي ھئي جنھن بعد پوليس اٽالن پھچي فائرنگ بند ڪرائي ۽ مخدوم فضل حسين جي ڌر جي 4 ڄڻن گل شير ساريو، امان اللّہ ڏاھري، امير بخش ڪنڊاڻي، محمد بخش جسڪاڻي کي حراست ۾ ورتو ھو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ھالا
پي ٽي آء
PTI
0 تبصرے