English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ننڍن آبادگارن کي ڪڻڪ جو سرڪاري اگھ نھ پيو ڏنو وڃي: اياز لطيف پليجو
202 views
|
22nd Apr 2024
•
سنڌي خبرون
ننڍن آبادگارن کي ڪڻڪ جو سرڪاري اگھ نھ پيو ڏنو وڃي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ ننڍن آبادگارن کي ڪڻڪ جو سرڪاري اگھ نہ پيو ڏنو وڃي. واپاري مافيا سستي اگھ تي ڪڻڪ خريد ڪري ھارين ۽ ننڍن آبادگارن جو معاشي قتل ڪري رھي آھي. پيپلز پارٽي سنڌ کي بک، بدحالي، ڌاڙيل راڄ، منشيات، ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ ۽ لاقانونيت جي باھ ۾ اڇلائي ڇڏيو آھي. ڪرپٽ حڪمران نٿا چاهين تہ سنڌ ۾ ميرٽ ھجي، تعليم ۽ سائنس ھجي، روزگار ۽ خوشحال ھجي. پ پ حڪمرانن سنڌ جو ڪوئلو، گئس، ساحلي پٽي، ڪوھستان، ڪراچي سميت وڏن شھرن جون زمينون، ٻيٽ، ڪينجھر، ڪارونجھر، پاڻي ۽ ٻيا وسيلا چوٿون ڀيرو اقتدار ملڻ خاطر وڪڻي ڇڏيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو سنڌ حڪومت سنڌي ماڻهن کي اصل مسئلن تان ڌيان ھٽائڻ لاءِ ڌاڙيل راڄ ۽ بدامني کي ختم نٿي ڪري. مھانگائي ذريعي عوام جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي. سنڌ حڪومت جا سمورا کاتا عوام آزار بنجي ويا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ ۾ تعليم، صحت، روزگار، زراعت، صنعت، آئي ٽي ٽيڪنالاجي، خوشحالي ڏيڻ بدران سنڌ جي ماڻھن کي پينو فقيرن جو لشڪر بنائڻ چاھي ٿي. سنڌي ماڻھن ۾ پنھنجن بنيادي حقن لاءِ سياسي مزاحمت پيدا نہ ٿئي، جرئت نہ ٿئي، انھن جي اجتماعي آواز کي دٻائڻ ۽ اصل مسئلن تان ڌيان ھٽائڻ لاءِ ڌاڙيل ڪلچر کي مضبوط ۽ طاقتور ڪيو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا ماڻھو حڪمرانن جي سازشن کي سمجھن ٿا. ڪيتريون بہ دھشتگرديون ڪيون وڃن، سنڌ جا ماڻھو پنھنجي حقن لاءِ خاموش نہ ويهندا. اھي پرامن مزاحمت لاءِ وڌي رھيا آھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے