English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ صحافين جي قتل خلاف ۽ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاھرو
views
|
02nd Jun 2024
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ صحافين جي قتل خلاف ۽ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاھرو
شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور ۾ شهيد نصر الله گڏاڻي ۽ شھيد جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري توڙي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان سلسلي ۾ سنڌ صحافي اتحاد جي مرڪزي سڏ تي جھاز چوڪ کان شڪارپور پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويو جنهن ۾ صحافين،سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي توڙي شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي, احتجاج جي اڳواڻي جاويد راھوجو,ذوالفقار مڱسي,احسان جيھو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا, ڌرڻي ۾ سلطان رند,ھمير چانڊيو,عبدالوھاب ڪاغذي,ڪامريڊ اسد سومرو,حسام ميمڻ,طيب انقلابي,ديدار بلوچ,زاھد سنجراڻي,عتيق ڌڪڙجانثار کوسو,راشد معرفاڻي ۽ ٻيا پڻ شريڪ ٿيا ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته شهيد نصر الله گڏاڻي ۽ شهيد جان محمد مھر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ سنڌ حڪومت ۽ پوليس انتظاميا جي انتھائي نااهلي آهي ۽ افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ حڪومت شهيد صحافين جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بدران بچائڻ ۾ رڌل آهي,اڳواڻن چيو ته پريا ڪماري کي ٽي سال گذري ويا آهن پر حڪومتي ۽ پوليس جي ڪن لاٽار سبب نياڻي اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهي آهي، اڳواڻن جو چوڻ ھو ته پوليس روزانو رڳو شهيد صحافين جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۽ پريا ڪماري کي بازياب ڪرائڻ جا سکڻا آسرا ڏئي رهي آهي،ھنن وڌيڪ چيو ته اسين ڊي آء جي سکر سيد پير محمد شاهه ۽ آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کان مطالبو ٿا ڪيون ته نااھل ايس ايس پي گهوٽڪي کي هٽائي شهيد نصر الله گڏاڻي جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي ۽ شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي گرفتار ڪري انهن جي سرپرستن کي وائکو ڪري سنگرار مان اغوا ڪيل معصوم نياڻي پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي سنڌ جي قلم ڌڻين ۽ شعور وند ڌرين ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي,احتجاج ۾ گلزار احمد کوسو,عاشق ڊومڪي,منظور کوسو,عرس چوھاڻ,مشرف کوسو,غمٺار دل,ذيشان بليدي,مير ذوالفقار جيھو,آفتاب مھر,عبدالغني بروھي,ابرار چانڊيو,نعيم چانڊيو,طاھر جان ڀٽو,ڀاڳچند وليچا,الھداد شر ۽ ٻيا پڻ شريڪ ٿيا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Aug 2025
•
پاکستان
بینظیر بھٹو گریجویٹ اسکالرشپس آکسفورڈ میں بلوچستان کے طلبا کے لیے سنہری موقع
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
بانی پی ٹی آئی نے محمود اچکزئی کو قومی اسمبلی میں اپوزیشن لیڈر کیلئے نامزد کردیا
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
اورنگی ٹاؤن میں زوردار دھماکے سے سیاسی جماعت کا دفتر زمین بوس، 7 زخمی
20th Aug 2025
•
کھیل
مصری اسٹرائیکر محمد صلاح نے تیسری بار ’پلیئر آف دی ایئر‘ ایوارڈ جیت لیا
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو ۾ نوجوان ناري نياڻي کي جنم ڏيڻ بعد فوت، وارثن جو ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جو الزام
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين پاران برساتي ايمرجنسي دوران هدايتون جاري
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ برسات جو ٻيو ڏينهن، زندگي مفلوج, سڪڻ ندي م فاٿل اٺن ڳوٺاڻن کي بچايو ويو
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پوليو جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور
شھيد جان محمد مھر
شهيد نصر الله گڏاڻي
نياڻي پريا ڪماري
0 تبصرے