English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مورو ۾ ٽرانسپورٽرن ۽ مسافر گاڏين جي مالڪن پاران احتجاجي مظاھرو
28 views
|
02nd Jun 2024
•
سنڌي خبرون
مورو ۾ ٽرانسپورٽرن ۽ مسافر گاڏين جي مالڪن پاران احتجاجي مظاھرو
مورو(جاني جماڻي) مورو جي ٽرانسپورٽرن ۽ مسافر گاڏين جي مالڪن جو بنا روٽ پرمنٽ گاڏيون ھلائڻ ۽ بااثر ٽرانسپورٽرن پاران ڌمڪيون ڏيڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنھن جي اڳواڻي اعجاز ڪورائي، فقير غلام سرور سولنگي، ديدار ڀٽي، فھيم ڏاھري، ظھور احمد سيال، اعجاز زرداريءَ، محمد بخش عالماڻي ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا جتي ھنن چيو تہ اسان پنجاھ سال کان پراڻا ٽرانسپورٽر آھيون ۽ اسان کي پنھنجيون گاڏيون آھن ۽ ھر پاسي جي روٽ پرمنٽ موجود آھي ۽ ھر کاتي کان اجازت ورتل آھي، ھنن چيو تہ نوشھروفيروز، ڪنڊيارو، ھالاڻي جي ڪجھ بااثر ٽرانسپورٽر جن کي نہ ڪا روٽ پرمنٽ مليل آھي نہ ئي ڪو سرڪاري طور تي گاڏين جو اڏو مليل آھي انھن مختلف شھرن ۾ زبردستي قبضو ڪرڻ چاھين پيا ۽ ھر روز اسان کي گاڏين کي روڪي ڊرائيورن ڪلينڊرن کي تشدد جو نشانو بڻائي ڌمڪائيندا رھن ٿا جنھن جي ڪري ڪو وڏو نقصان ٿي سگھي ٿو، ھنن چيو تہ ھو بااثر ٽرانسپورٽر آھن جيڪي ڏاڍ ڪري رھيا آھن ۽ گذريل ڏينھن ڪوڙا بيان ڏئي الزام ھنيا آھن ھنن الزام ھڻندي چيو تہ اسان جي پرمنٽ ورتل ۽ اجازت مليل مسافر گاڏين جي اڏن تي مظھر ڪلھوڙو، لعل بخش رند، ڀورل رند، طالب حسين، ڌڻي بخش، زاھد ۽ ٻيا ڏاڍ ڪري رھيا آھن ۽ اھي اسان جي سالن کان قائم گاڏين جي اڏن تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا احتجاج ڪندڙ مظاھرين سنڌ جي گھرو وزير، آء جي سنڌ، ڊي آء جي شھيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشھروفيروز، ڊي ايس پي مورو سميت وس وارن کي اپيل ڪئي تہ نوشھروفيروز جي بااثر ٽرانسپورٽرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪندي اڻ ڌري جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد ۾ گندگيءَ جا ڍير، انتظاميه صرف فوٽو شوٽ تائين محدود
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
مورو
ٽرانسپورٽرن ۽ مسافر گاڏين جي مالڪن
0 تبصرے