English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٽنڊو آدم تعلقہ اسپتال ۾ سھولتون نه ھجڻ خلاف جسقم سانگھڙ پاران احتجاجي مظاھرو
30 views
|
12th Jul 2024
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو آدم تعلقہ اسپتال ۾ سھولتون نه ھجڻ خلاف جسقم سانگھڙ پاران احتجاجي مظاھرو
ٽنڊو آدم (حسنين ساند) تعلقہ اسپتال ۾ سھولتون نه ھجڻ خلاف جسقم سانگھڙ پاران ضلعي ڊپٽي آرگنائيزر الھداد مري ۽ تعلقا صدر غلام شبير ڪوريجو جي اڳواڻيءَ ۾ شھر جي مک محمدي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاھري ۾ شريڪ جسقم ڪارڪن تعلقا اسپتال اندر سھولتون نه ھجڻ، ڊاڪٽرن پاران مريضن سان اڍنگي رويي، دوائن جي کوٽ، مبينا طور سرڪاري دوائون وڪرو ڪرڻ جھڙا نعرا هنيا. ان موقعي تي جسقم سانگھڙ جي ڊپٽي آرگنائيزر الھداد مري ۽ غلام شبير ڪوريجو خطاب ڪندي چيو تہ ٽنڊي آدم جي تعلقا اسپتال اندر مريضن کي سھولتون ميسر نه آھن، اسپتال اندر ڊاڪٽرن جي شديد کوٺ آھي، سرجن، ھڏين، ٽي بي، ھيپاٽائيٽس ۽ ٻين مرضن جا ڊاڪٽر موجود ناھن، ھنن چيو تہ دل ۽ گڙدن جا وارڊ مڪمل طور تعمير ٿيل آھن پر دل ۽ گڙدن جا ڊاڪٽر، عملو ۽ سامان ناھي، سرڪاري ڊاڪٽر مختلف پرائيويٽ اسپتالن ۾ ڊيوٽي ڪري رھيا آھن، ھنن چيو تہ اسپتال جي مھيني جي بجيٽ تمام گھٽ آھي، مريضن جو تعداد ھر مھيني ھڪ لک جي برابر آھي جنھن لا۽ ھڪ ڪروڙ 14 لک روپيا مھيني جي بجيٽ تمام ٿوري آھي، ھنن مطالبو ڪيو آھي ته تعلقا اسپتال اندر ھڏين، دل، گڙدن، ٽي بي، ڪاري ڪامڻ، شوگر سميت جي لا۽ سمورا شعبا قائم ڪري سرجن ۽ ٻين مرضن جا ڊاڪٽر، عملو مقرر ڪيو وڃي. ھنن اھو به مطالبو ڪيو تہ ٽراما سينٽر اندر معيار مطابق سھولتون ڏنيون وڃن، تعلقا اسپتال اندر مڪمل تعمير ٿيل گڙدن ۽ دل جي شعبن کي فعال بڻايو وڃي. ھنن چيو تہ چار لک کان بہ وڌيڪ آبادي رکندڙ شھر جي تعلقا اسپتال لاوارث بڻيل آهي جنھن تي ھتان جي چونڊيل نمائندن جي نظر کان بہ رھيل آھي. ھنن چيو تہ مريضن جي کاڌي پيتي جي لا۽ مقرر چاليھ لکن کان وڌيڪ بجيٽ ڪٿي خرچ ٿيئي ٿي جڏھن ته مريضن کي کاڌو ڪافي ڏھاڪن سالن کان نه پيو ڏنو وڃي. ھنن چتاءُ ڏنو ته تعلقا اسپتال جي سارسنڀال لڌي وڃي ٻي صورت ۾ تعلقا اسپتال کي اپگريڊ ۽ مثالي بڻائڻ لا۽ ھڪ منتظم جدوجھد شروع ڪنداسين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد ۾ گندگيءَ جا ڍير، انتظاميه صرف فوٽو شوٽ تائين محدود
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٽنڊو آدم
جسقم سانگھڙ
0 تبصرے