English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي ۾ اغوا ٿيل پريا ڪماري ۽ نويد لاشاري جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاھرو،ڌرڻو
293 views
|
04th Aug 2024
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ اغوا ٿيل پريا ڪماري ۽ نويد لاشاري جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاھرو،ڌرڻو
ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران پريا ڪماري بازيابي ڪميٽي طرفان معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ڌرڻو هنيو ويو. 2 سال اڳ اغوا ٿي ويل معصوم نويد لاشاري جي وارثن ڀيڻ شمائلا لاشاري ۽ ڀاءُ وحيد لاشاري پاران به مغوي نويد لاشاري جي آزادي لاءِ احتجاج ۾ شريڪ ٿي ويا.ڌرڻي ۾ 2 مهينا اڳ گم ٿي ويل 9 سالا سويرا چانڊيو جي امڙ روزينا طرفان به پنهنجي نياڻي جي ڳولا لاءِ احتجاج ڪيو ويو.احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ ماڻهن طرفان هٿن معصوم پريا ڪماري ۽ معصوم نويد لاشاري جون تصويرون کڻي سندس جي بازيابي لاءِ سخت نعريبازي ڪندا رهيا. احتجاجي جي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ لياقت جلباڻي، يونس مهر، عاليا بخشل آفاق ڀٽي، سهڻي پارس مهيش ڪمار ۽ ٻين چيو آهي ته سنڌ اندر اغواڪاريون وڌي رهيون آهن سنڌ حڪومت خاموش بڻيل آهي، معصوم ٻارڙا اغوا ٿي رهيا آهن، 2 سال اڳ معصوم ٻارڙو نويد لاشاري جيڪب آباد مان اغوا ڪيو ويو جيڪو هن وقت تائين بازياب نه ٿي سگهيو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته ڪراچي مان 2 مهينا اڳ نياڻي سويرا چانڊيو گم ٿي وئي آهي جيڪا هن وقت تائين نه ملي سگهي آهي، پريا ڪماري لاءِ جوڙيل ڪميٽي ڪجهه به نه ڪري سگهي آهي، پريا جي امڙ طرفان ڏنل 15 ڏينهن جو وقت پورو ٿي ويو آهي هاڻ پريا جي امڙ جيڪو به اعلان ڪندي سندس سان گڏ آهيون. هنن مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد معصوم پريا ڪماري، معصوم نويد لاشاري، سويرا چانڊيو کي آزاد ڪرايو وڃي، شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث مک قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
06th Sep 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کی فیملی پکنک، وائلڈ وینچر واٹر پارک میں صحافیوں اور اہل خانہ نے یادگار دن گزارا

Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
ڪراچي پريس ڪلب
پريا ڪماري بازيابي
معصوم نياڻي
مغوي نويد لاشاري
وحيد لاشاري
شمائلا لاشاري
0 تبصرے