English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي ۾ اغوا ٿيل پريا ڪماري ۽ نويد لاشاري جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاھرو،ڌرڻو
views
|
04th Aug 2024
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ اغوا ٿيل پريا ڪماري ۽ نويد لاشاري جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاھرو،ڌرڻو
ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران پريا ڪماري بازيابي ڪميٽي طرفان معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ڌرڻو هنيو ويو. 2 سال اڳ اغوا ٿي ويل معصوم نويد لاشاري جي وارثن ڀيڻ شمائلا لاشاري ۽ ڀاءُ وحيد لاشاري پاران به مغوي نويد لاشاري جي آزادي لاءِ احتجاج ۾ شريڪ ٿي ويا.ڌرڻي ۾ 2 مهينا اڳ گم ٿي ويل 9 سالا سويرا چانڊيو جي امڙ روزينا طرفان به پنهنجي نياڻي جي ڳولا لاءِ احتجاج ڪيو ويو.احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ ماڻهن طرفان هٿن معصوم پريا ڪماري ۽ معصوم نويد لاشاري جون تصويرون کڻي سندس جي بازيابي لاءِ سخت نعريبازي ڪندا رهيا. احتجاجي جي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ لياقت جلباڻي، يونس مهر، عاليا بخشل آفاق ڀٽي، سهڻي پارس مهيش ڪمار ۽ ٻين چيو آهي ته سنڌ اندر اغواڪاريون وڌي رهيون آهن سنڌ حڪومت خاموش بڻيل آهي، معصوم ٻارڙا اغوا ٿي رهيا آهن، 2 سال اڳ معصوم ٻارڙو نويد لاشاري جيڪب آباد مان اغوا ڪيو ويو جيڪو هن وقت تائين بازياب نه ٿي سگهيو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته ڪراچي مان 2 مهينا اڳ نياڻي سويرا چانڊيو گم ٿي وئي آهي جيڪا هن وقت تائين نه ملي سگهي آهي، پريا ڪماري لاءِ جوڙيل ڪميٽي ڪجهه به نه ڪري سگهي آهي، پريا جي امڙ طرفان ڏنل 15 ڏينهن جو وقت پورو ٿي ويو آهي هاڻ پريا جي امڙ جيڪو به اعلان ڪندي سندس سان گڏ آهيون. هنن مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد معصوم پريا ڪماري، معصوم نويد لاشاري، سويرا چانڊيو کي آزاد ڪرايو وڃي، شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث مک قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
ڪراچي پريس ڪلب
پريا ڪماري بازيابي
معصوم نياڻي
مغوي نويد لاشاري
وحيد لاشاري
شمائلا لاشاري
0 تبصرے