English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مسلم ليگ فنڪشنل رابطا ڪميٽي ڪراچي ڊويزن جو اڳواڻ افضال صديقي ملير پھچي ويو، پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ملاقات
119 views
|
02nd Sep 2024
•
سنڌي خبرون
مسلم ليگ فنڪشنل رابطا ڪميٽي ڪراچي ڊويزن جو اڳواڻ افضال صديقي ملير پھچي ويو، پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ملاقات
ملير( درياخان شر)مسلم ليگ فنڪشنل رابطہ ڪميٽي ڪراچي ڊويزن جو اڳواڻ ملير پھچي ويو علاقائي ۽ تنظيمي صورتحال تي ڳالھہ ٻولھہ مرڪز جي ھدايت تي فنڪشنل لیگ کی ملیر ۾ وڌيڪ مظبوط ڪرڻ جو پيغام کڻي آيو آھيان ڪارڪن ماضي ۾ ٿيل غلطين کي نظر انداز ڪري پارٽي کي وڌيڪ مظبوط ڪرڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪن عوام حڪمرانن مان تنگ ٿي ويو آھي ايندڙ وقت فنڪشنل ليگ جو آھي ڪارڪن پير صاحب پاڳاري جي قيادت ۾ عوام جي خدمت کي يقيني بنائين تفصيل موجب پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ڪراچي زون جي رابطہ ڪميٽي جو ميمبر افضال صديقي مرڪزي اڳواڻن جو پيغام کڻي ملير پھچي ويو جتي ھن مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ملاقاتون ڪيون انھي موقعي تي ھن جي ڊي اي پاران بلدياتي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ يوسي ون غريب آباد جي ڪائونسلر اميدوار سماجي اڳواڻ عنايت قمبراڻي سان خصوصي طور تي ملاقات ڪري مرڪزي اڳواڻن جو پيغام پھچايو انھي موقعي تي عنايت قمبراڻي ۽ ٻين پارٽي پاران اليڪشن کان پوءِ مسلسل کين ھر لحاظ کان کين نظر انداز ڪرڻ جون شڪايتون ڪيون جنھن تي ھن افسوس جو اظھار ڪندي چيو ته ماضي جي غلطين کي نظر ۾ رکندي پارٽي جي مرڪزي قيادت اسان کي پراڻن،سچن ۽ جاکوڙي ورڪرن کي اڳتي آڻڻ جو فيصلو ڪيو آھي جنھن ۾ ملير مان اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن ۽ پارٽي جي باڪردار ڪارڪنن جا نالا سرفرست آھن ھن چيو ته ماضي ۾ جن پنھنجي محنت ۽ جدوجھد ذريعي نه رڳو پارٽي جو نالو روشن ڪيو آھي پر پنھنجو پاڻ مڃايو پڻ آھي ھن چيو ته پارٽي کي اھڙن باشعور ۽ باڪردار ڪارڪنن تي ناز آھي جن جون علائقي ۾ ڪيل خدمتون ڪنھن کان لڪيل ناھن ھن وڌيڪ چيو ته عوام ھاڻي مايوس ٿيڻ بجائي پنھنجي جائز حقن لاءِ اڳتي اچي ايندڙ وقت فنڪشنل ليگ جو ئي آھي انھي موقعي تي مؤمن آباد ويلفيئر جي اڳواڻ شادميان،شاھنواز ،پروفيسر ريٽائرڊ اصغر علي،محمد اقبال،منصور شيخ،نوشاد علي سميت ٻين علائقي واسين گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي ۽ چيو ته ھن وقت ملير سميت پوري سنڌ جي سياست ۾ تمام وڏو خال پيداٿي ويو آھي جتي مسلسل ملڪ مٿان حڪمراني ڪندڙ پارٽين ملڪ جي عوام کي بک بيروزگاري ۽ بدحالي جي ورچاڙھي ڇڏيو آھي ھن وقت ملڪي عوام تمام گھڻي مشڪل وقت مان گذري رھي آھي،عوام ھن وقت بجلي گيس جا بل ڀرڻ کان لاچار آھي ۽ پيئڻ جي پاڻي سميت پنھنجن ٻچن کي ٻن وقتن جي ماني کارائڻ لاءِ پريشان آھي حڪمران خاموش تماشائي بڻيل آھن ۽ عوام جي ڪير دانھن ڪوڪ ٻڌڻ وارو ناھي ھنن چيو ته عوام ھاڻي تنگ ٿي چڪو آھي ۽ تبديلي چاھي ٿو جيڪا پيرصاحب پاڳاري جي قيادت ۾ ئي ممڪن آھي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
رابطہ ڪميٽي ڪراچي
مسلم ليگ فنڪشنل
0 تبصرے