English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مسلم ليگ فنڪشنل رابطا ڪميٽي ڪراچي ڊويزن جو اڳواڻ افضال صديقي ملير پھچي ويو، پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ملاقات
views
|
02nd Sep 2024
•
سنڌي خبرون
مسلم ليگ فنڪشنل رابطا ڪميٽي ڪراچي ڊويزن جو اڳواڻ افضال صديقي ملير پھچي ويو، پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ملاقات
ملير( درياخان شر)مسلم ليگ فنڪشنل رابطہ ڪميٽي ڪراچي ڊويزن جو اڳواڻ ملير پھچي ويو علاقائي ۽ تنظيمي صورتحال تي ڳالھہ ٻولھہ مرڪز جي ھدايت تي فنڪشنل لیگ کی ملیر ۾ وڌيڪ مظبوط ڪرڻ جو پيغام کڻي آيو آھيان ڪارڪن ماضي ۾ ٿيل غلطين کي نظر انداز ڪري پارٽي کي وڌيڪ مظبوط ڪرڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪن عوام حڪمرانن مان تنگ ٿي ويو آھي ايندڙ وقت فنڪشنل ليگ جو آھي ڪارڪن پير صاحب پاڳاري جي قيادت ۾ عوام جي خدمت کي يقيني بنائين تفصيل موجب پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ڪراچي زون جي رابطہ ڪميٽي جو ميمبر افضال صديقي مرڪزي اڳواڻن جو پيغام کڻي ملير پھچي ويو جتي ھن مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ملاقاتون ڪيون انھي موقعي تي ھن جي ڊي اي پاران بلدياتي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ يوسي ون غريب آباد جي ڪائونسلر اميدوار سماجي اڳواڻ عنايت قمبراڻي سان خصوصي طور تي ملاقات ڪري مرڪزي اڳواڻن جو پيغام پھچايو انھي موقعي تي عنايت قمبراڻي ۽ ٻين پارٽي پاران اليڪشن کان پوءِ مسلسل کين ھر لحاظ کان کين نظر انداز ڪرڻ جون شڪايتون ڪيون جنھن تي ھن افسوس جو اظھار ڪندي چيو ته ماضي جي غلطين کي نظر ۾ رکندي پارٽي جي مرڪزي قيادت اسان کي پراڻن،سچن ۽ جاکوڙي ورڪرن کي اڳتي آڻڻ جو فيصلو ڪيو آھي جنھن ۾ ملير مان اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن ۽ پارٽي جي باڪردار ڪارڪنن جا نالا سرفرست آھن ھن چيو ته ماضي ۾ جن پنھنجي محنت ۽ جدوجھد ذريعي نه رڳو پارٽي جو نالو روشن ڪيو آھي پر پنھنجو پاڻ مڃايو پڻ آھي ھن چيو ته پارٽي کي اھڙن باشعور ۽ باڪردار ڪارڪنن تي ناز آھي جن جون علائقي ۾ ڪيل خدمتون ڪنھن کان لڪيل ناھن ھن وڌيڪ چيو ته عوام ھاڻي مايوس ٿيڻ بجائي پنھنجي جائز حقن لاءِ اڳتي اچي ايندڙ وقت فنڪشنل ليگ جو ئي آھي انھي موقعي تي مؤمن آباد ويلفيئر جي اڳواڻ شادميان،شاھنواز ،پروفيسر ريٽائرڊ اصغر علي،محمد اقبال،منصور شيخ،نوشاد علي سميت ٻين علائقي واسين گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي ۽ چيو ته ھن وقت ملير سميت پوري سنڌ جي سياست ۾ تمام وڏو خال پيداٿي ويو آھي جتي مسلسل ملڪ مٿان حڪمراني ڪندڙ پارٽين ملڪ جي عوام کي بک بيروزگاري ۽ بدحالي جي ورچاڙھي ڇڏيو آھي ھن وقت ملڪي عوام تمام گھڻي مشڪل وقت مان گذري رھي آھي،عوام ھن وقت بجلي گيس جا بل ڀرڻ کان لاچار آھي ۽ پيئڻ جي پاڻي سميت پنھنجن ٻچن کي ٻن وقتن جي ماني کارائڻ لاءِ پريشان آھي حڪمران خاموش تماشائي بڻيل آھن ۽ عوام جي ڪير دانھن ڪوڪ ٻڌڻ وارو ناھي ھنن چيو ته عوام ھاڻي تنگ ٿي چڪو آھي ۽ تبديلي چاھي ٿو جيڪا پيرصاحب پاڳاري جي قيادت ۾ ئي ممڪن آھي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
پیپلز پارٹی آئینی عہدے حاصل کر کے وفاق میں اقتدار کے مزے لوٹ رہی ہے،روزی خان کاکڑ
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ ۽ ن ليگ ڪرپشن جي ٻيڙي ۾ سوار آھن، ٻنھي ۾ نورا ڪشتي ھلي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ڳوٺ فشريز وٽ سمنڊ ۾ مڇي مارڻ دوران پيءُ پٽ ٻڏي ويا، نوجوان فوت
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
بااثرن وقار ميمڻ ۽ صوفي ذوالفقار قادري جي چرچ تي گھر تي قبضو ڪيو آهي: ماروي زئور
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
چيني سيڙپڪارن جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان ملاقات
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
رابطہ ڪميٽي ڪراچي
مسلم ليگ فنڪشنل
0 تبصرے