English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي ۾ فرائڊ رچ نعمان فائونڊيشن پاران سنڌ جي صحافين لاء تربيتي ورڪشاپ منعقد
views
|
28th Aug 2024
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ فرائڊ رچ نعمان فائونڊيشن پاران سنڌ جي صحافين لاء تربيتي ورڪشاپ منعقد
ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ اسمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر انٿوني نويد پاران ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ فرائڊ رچ نعمان فائونڊيشن پاران سنڌ جي صحافين لاء رکيل تربيتي ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڊجيٽل ميڊيا متعلق ٽريننگ وٺندڙ صحافين ۽ ميڊيا جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل شاگردن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا. انهي موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته ميڊيا ملڪ جو اهم ستون آھن انهن جي تربيت ڪرڻ وقت جي ضرورت ڊجيٽل ميڊيا جي مختلف موضوعن کان کين آگاهه ڪرڻ وقت جي ضرورت هئي ايف اين ايف پاران اهڙو تربيتي ورڪشاپ رکڻ تي کين جس ڏيون ٿا صحافي رياست جو عڪس هوندا آھن انهن جي جدوجهد کي ڪڏھن به وساري نٿو سگهجي هن چيو ته مون کي خوشي آھي ته صحافين جي لاء اهڙا پروگرام ٿي رهيا آھن اڄڪلهه ڊجيٽل ميڊيا جو دور آھي انهي کي اپنائي اڳتي وڌر سگهجي ٿو. ايف اين ايف پاران منعقد ورڪشاپ ۾ سينيئر صحافي شيراز حسنات پاران ڊجيٽل جي مختلف رخن فيچر اسٽورين سميت مختلف پليٽ فارمن تان آمدني ڪمائڻ ۽ انٽرنيشل ميڊيا تائين پهچ بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني ۽ ڊجيٽل مواد، انفارميشن گرافڪس، ٿمب نيل تيار ڪرڻ پڻ سيکاريو. اختتامي سيشن کي خطاب ڪندي ايف اين ايف پاڪستان جي هيڊ آف پروگرامز اينڊ ايڊمنسٽريشن محمد انور چيو ته صحافي انتهائي ڏکي وقت کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ انهن کي اهڙي تربيت جي سخت ضرورت آهي ته جيئن هو باوقار طريقي سان پنهنجي روزي ڪمائي سگهن، ان ڪري ايف اين ايف پاڪستان سڄي ملڪ ۾ صحافين جي مدد ڪري رهيو آهي ۽ ڊجيٽل مهارتن سان آمدني ڪمائڻ بابت ڄاڻ فراهم ڪئي پئي وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
فرائڊ رچ نعمان فائونڊيشن
سنڌ اسمبلي
انٿوني نويد
0 تبصرے