English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي جي ڪوھستاني ڳوٺ دادو مٽڪاڻي تي ڍڳن جي ڊوڙ توڙي ڍڳن تي ٻج چٽڻ جو مقابلو
172 views
|
18th Sep 2024
•
سنڌي خبرون
ڪوھستان سجاڳ تنظيم طرفان ڪرايل مقابلي ۾ 20 کان وڌيڪ ڍڳن جي جوڙن حصو ورتو
ٺٽو(ڊر) ڪوھستان سجاڳ تنظيم طرفان ٺٽي جي ڪوھستاني ڳوٺ دادو مٽڪاڻي سپر ھاء وي 36 ميل تي ڍڳن جي ڊوڙ توڙي ڍڳن تي ٻج چٽڻ پوکائي جو مقابلو منعقد ڪرايو ويو، جنھن ۾ 20 کان وڌيڪ ڍڳن جي جوڙن حصو ورتو، جنھن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ ڍڳن جي مالڪن کي انعام سان گڏ کين گل ھار ۽ اجرڪون پھرائي سندن ھمت افزائي ڪئي ويئي، جڏھن تہ محفل موسيقي ۾ فنڪار الھبچايو جاکرو نڙ بيت ۽ انور مورائي مورا پيش ڪري چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، جنھن مقابلي ۾ ملوڪ جاکرو، نبي بخش جاکرو، واحد جاکرو، ڪوھستاني انور جاکرو، عمرالدين، سفيع محمد، غلام رسول، عارب، ملوڪ، جان محمد، خان محمد، علي محمد، گل محمد، رمضان، حاجي گل، اشرف، خداڏنو، غلام حسين، بلاول، بھاول، رحمت اللہ جاکرو ۽ ٻين پاران وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پروگرام جا انتظام سنڀالڻ سان گڏ ڍڳن جي مالڪن توڙي فنڪارن کي انعام سان نوازيندي چيو تہ ڪوھستاني پٽي ۾ برساتون پوڻ بعد ھي ڍڳن جي ٻج ڇٽڻ جو وڏو مقابلو آھي، جنھن کي ڏسڻ لاء ڪوھستان جي مختلف علائقن کان ڪوھستان واسي ڪھي آيا آھن، جن کي تفريح مھيا ڪئي ويئي آھي، ھنن چيو تہ ھاڻي ڍڳن کان زمين کيڙائي توڙي ٻج پوکڻ وارو سلسلو مشينري اچڻ ڪري گھٽجي ويو آھي، پر ھن واري ڪوھستاني پٽي ۾ برساتون گھڻيون پوڻ ڪري وڏي تعداد ۾ مالوند ماڻھون آيا آھن، جن وٽ ڍڳا موجود آھن، جن ڍڳن ذريعي ھتي زمينن پوکڻ جو مقابلو رکرايو ويو آھي، ھنن چيو تہ ڍڳن طرفان زمين پوکڻ توڙي ٻج ڇٽڻ ۾ رب پاڪ وڌيڪ برڪت وجھي ٿو. ھنن چيو تہ ڪوھستان واسين کي اھڙيون تفريحون مھيا ڪندا رھنداسين، ھنن ڪوھستان واسين کي اپيل ڪئي تہ ھو پنھنجي اولاد خاص طور نياڻين کي وڌ کان وڌ تعليم ڏياري جيترو ٿي سگھي وڻ پوکي ڪوھستان کي الودگي کان بچائين. ھنن آخر ۾ ڪوھستاني ڳوٺ پڪا ڪري ڪوھستان واسين کي سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪري بند ٿيل اسڪول کولرائي ڪوھستان واسين جي اولاد کي تعليم ڏيارڻ جي پڻ گھر ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
ڪوھستان سجاڳ تنظيم
ڪوھستاني ڳوٺ دادو مٽڪاڻي
ڍڳن جي ڍوڙ
محفل موسيقي ۾ فنڪار
0 تبصرے