English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جيڪو ڪم ضياالحق ۽ پرويز مشرف نہ ڪري سگھيا، اھو ڪم ايوان صدر ۾ ويھي آصف زرداري ڪري رھيو آهي: اياز لطيف پليجو
206 views
|
18th Sep 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو عوام ڪڏھن بہ سنڌو درياھ خلاف سازش ڪامياب ٿيڻ نہ ڏيندو. 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ارسا آئين ۾ ترميم سنڌ دشمني آھي
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪارڪنن کي ھدايت ڪئي آھي تہ سنڌو درياھ کي سڪائي ڀڙڀانگ ڪرڻ لاء 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ارسا قانون ۾ ترميم خلاف جي ڊي اي ۽ قومي عوامي تحريڪ سميت 11 جماعتن جي سڏ تي اڄ سڄي سنڌ جي پريس ڪلبن آڏو مظاهرا ڪيا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ جيڪو ڪم ضياالحق ۽ پرويز مشرف نہ ڪري سگھيا، اھو ڪم ايوان صدر ۾ ويھي آصف زرداري ڪري رھيو آھي. سنڌ جو عوام ڪڏھن بہ سنڌو درياھ خلاف سازش ڪامياب ٿيڻ نہ ڏيندو. 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ارسا آئين ۾ ترميم سنڌ دشمني آھي. انڊس رور سسٽم ۾ سنڌ جي ملڪ جي ضرورتن جيترو پاڻي ناھي. سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نہ ٿيڻ ڪري سمنڊ ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعي جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. تمر جا ٻيلا ختم ٿي رھيا آھن. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي. جنھن ڪري سنڌ جي زرعي معيشت تباھ ٿي رھي آھي. بک، بدحالي ۽ بيروزگاري وڌي وئي آھي. ايوان صدر ۾ آصف زرداري جي سازشن ۽ سنڌو درياھ مان نوان 6 ڪئنال ڪڍڻ لاء ارسا قانون ۾ ترميمون ڪرڻ خلاف 19 سيپٽمبر خميس ڏينھن سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ڀرپور مظاهرا ڪيا ويندا، انھن مظاھرن ۾ قومي عوامي تحريڪ، فنڪشنل ليگ، ايس يو پي، جي يو آء، ايس ٽي پي، تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي، جئي سنڌ محاذ، پيپلزپارٽي ورڪرز، عوامي جھموري پارٽي، نيشنل پارٽي جي ڪارڪنن سميت عوام وڏي تعداد م شرڪت ڪندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ قومي عوامي تحريڪ سنڌو درياھ لاءِ ھر دور ۾ اڳواڻي وارو بنيادي ڪردار ادا ڪيو آھي. قومي عوامي تحريڪ ھر صورت ۾ سنڌ جي عوام ۽ سنڌ جي مفادن جو تحفظ ڪيو آهي ۽ سنڌ جي حق لا۽ جدوجھد کي ترجيح ڏني آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
آصف زرداري
ايوان صدر
سنڌو درياھ
ارسا قانون
0 تبصرے