English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين حاجي محمد بقا پلي جي صدارت هيٺ اجلاس
views
|
19th Sep 2024
•
سنڌي خبرون
ميمبرن پنھنجن علائقن ۾ صحت، چوپائي مال ۾ ويڪسين نہ ٿيڻ ۽ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جون شڪايتون ڪيون
عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ جو اجلاس چيئرمين ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، گذريل اجلاس جي ڪارروائي بحال ڪرڻ لاء رٿ پيش ڪئي جنھن کانپوءِ اجلاس جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي ان موقعي تي صوفي عقيل ، نذير احمد ، شاھنواز جوڻيجو سميت ٻين ميمبرن پاران پنھنجن علائقن ۾ صحت، چوپائي مال ۾ ويڪسين نہ ٿيڻ ۽ برساتي پاڻي نيڪال نہ ٿيڻ جون شڪايتون ڪيون ان موقعي تي ڊي ايڇ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر نندلال اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو تہ چئني تعلقن ۾ مڇر مار اسپري ڪرايو پيو وڃي ۽ اسپتالن ۾ دوائن جي فراهمي کي پڻ يقيني بنايو ويو آھي. ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيواسٽاڪ ڊاڪٽر گڻيش اجلاس کي بريفنگ ڏيندَي چيو تہ يوسيز سطح تي جانورن ۾ ويڪسين ڪئي پئي وڃي جڏهن تہ ڪنري تعلقي جي ڪجھ يوسين ۾ جلد ويڪسين جو عمل شروع ڪيو ويندو. چيئرمين حاجي بقا پلي پوليس کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪندي چيو تہ ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکيو وڃي ۽ شرپسند ماڻھون تي ڪڙي نظر رکي وڃي ان موقعي تي چيئرمين ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ ميونسپل ۽ تمام ٽائون ڪميٽيز جي آفيسرن کي ھدايتون ڏيندي چيو تہ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهمي ۽ صفائي سٿرائي کي يقيني بڻايو وڃي اجلاس ۾ ميمبرن ۽ علمدارن جي غير حاضريءَ تي ڳڻتي جو اظھار ڪيو ويو، ان موقعي تي ميمبر ضلع ڪائونسل شاھنواز جوڻيجو ارسا بابت رٿ پيش ڪئي جيڪا چيئرمين ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ پاران منظور ڪئي وئي. ان موقعي تي ميمبر ضلع ڪائونسل نوجھان ڳيلھڙو چيو تہ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) جي رقم مان ڪٽوتي ٿي رھي آھي جنھن جو نوٽيس ورتو وڃي،ھن وڌيڪ چيو تہ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي ھميشہ ضلعي ۾ راندين جا پروگرام ڪندي آھي ۽ ضلع ۾ راندين لاءِ وڌيڪ قدم کنيا وڃن. اجلاس ۾ وائيس چيئرمين ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ ميان خالد ولھاري، چيف ميونسپل آفيسر امتياز هاليپوٽو ، ميمبر ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ عبدالواحد آريسر ، وارث ڪالرو ، خيرالنساء، ڊي ايس پي سٽي عمرڪوٽ ، نادرا انچارج نور محمد ڀنڀرو ، انفارميشن آفيسر محمد اسلم ڀٽي پرنسپال بوائز ڊگري ڪاليج عبدالرئوف سومرو ، ايڊيشنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ ھريش چندر، اياز ڪاڇيلو ٽيڪسيشن آفيسر ميونسپل ڪميٽي اويس سميجو، اڪائونٽ، سوشل ويلفيئر، ٻيلي کاتي سميت ٻين کاتن جي عملدارن،سينئر صحافي الياس ٿري ، چيئرمين پريس ڪلب مئنيجمينٽ ڪميٽيءَ عمرڪوٽ رسول بخش رحيمداڻي ۽ بين صحافين شرڪت ڪئي اجلاس ۾ چيئرمين ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي بقا پلي پاران پريس ڪلب عمرڪوٽ جي سينيئر صحافي سائين ريحان شبير ھاشمي جي مغفرت لاءِ دعا پڻ گهري وئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Aug 2025
•
پاکستان
بینظیر بھٹو گریجویٹ اسکالرشپس آکسفورڈ میں بلوچستان کے طلبا کے لیے سنہری موقع
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
بانی پی ٹی آئی نے محمود اچکزئی کو قومی اسمبلی میں اپوزیشن لیڈر کیلئے نامزد کردیا
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
اورنگی ٹاؤن میں زوردار دھماکے سے سیاسی جماعت کا دفتر زمین بوس، 7 زخمی
20th Aug 2025
•
کھیل
مصری اسٹرائیکر محمد صلاح نے تیسری بار ’پلیئر آف دی ایئر‘ ایوارڈ جیت لیا
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو ۾ نوجوان ناري نياڻي کي جنم ڏيڻ بعد فوت، وارثن جو ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جو الزام
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين پاران برساتي ايمرجنسي دوران هدايتون جاري
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ برسات جو ٻيو ڏينهن، زندگي مفلوج, سڪڻ ندي م فاٿل اٺن ڳوٺاڻن کي بچايو ويو
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پوليو جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
ضلعي ڪائونسل
حاجي محمد بقا پلي
0 تبصرے