English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين حاجي محمد بقا پلي جي صدارت هيٺ اجلاس
186 views
|
19th Sep 2024
•
سنڌي خبرون
ميمبرن پنھنجن علائقن ۾ صحت، چوپائي مال ۾ ويڪسين نہ ٿيڻ ۽ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جون شڪايتون ڪيون
عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ جو اجلاس چيئرمين ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي محمد بقا پلي جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، گذريل اجلاس جي ڪارروائي بحال ڪرڻ لاء رٿ پيش ڪئي جنھن کانپوءِ اجلاس جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي ان موقعي تي صوفي عقيل ، نذير احمد ، شاھنواز جوڻيجو سميت ٻين ميمبرن پاران پنھنجن علائقن ۾ صحت، چوپائي مال ۾ ويڪسين نہ ٿيڻ ۽ برساتي پاڻي نيڪال نہ ٿيڻ جون شڪايتون ڪيون ان موقعي تي ڊي ايڇ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر نندلال اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو تہ چئني تعلقن ۾ مڇر مار اسپري ڪرايو پيو وڃي ۽ اسپتالن ۾ دوائن جي فراهمي کي پڻ يقيني بنايو ويو آھي. ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيواسٽاڪ ڊاڪٽر گڻيش اجلاس کي بريفنگ ڏيندَي چيو تہ يوسيز سطح تي جانورن ۾ ويڪسين ڪئي پئي وڃي جڏهن تہ ڪنري تعلقي جي ڪجھ يوسين ۾ جلد ويڪسين جو عمل شروع ڪيو ويندو. چيئرمين حاجي بقا پلي پوليس کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪندي چيو تہ ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکيو وڃي ۽ شرپسند ماڻھون تي ڪڙي نظر رکي وڃي ان موقعي تي چيئرمين ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ ميونسپل ۽ تمام ٽائون ڪميٽيز جي آفيسرن کي ھدايتون ڏيندي چيو تہ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهمي ۽ صفائي سٿرائي کي يقيني بڻايو وڃي اجلاس ۾ ميمبرن ۽ علمدارن جي غير حاضريءَ تي ڳڻتي جو اظھار ڪيو ويو، ان موقعي تي ميمبر ضلع ڪائونسل شاھنواز جوڻيجو ارسا بابت رٿ پيش ڪئي جيڪا چيئرمين ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ پاران منظور ڪئي وئي. ان موقعي تي ميمبر ضلع ڪائونسل نوجھان ڳيلھڙو چيو تہ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) جي رقم مان ڪٽوتي ٿي رھي آھي جنھن جو نوٽيس ورتو وڃي،ھن وڌيڪ چيو تہ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي ھميشہ ضلعي ۾ راندين جا پروگرام ڪندي آھي ۽ ضلع ۾ راندين لاءِ وڌيڪ قدم کنيا وڃن. اجلاس ۾ وائيس چيئرمين ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ ميان خالد ولھاري، چيف ميونسپل آفيسر امتياز هاليپوٽو ، ميمبر ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ عبدالواحد آريسر ، وارث ڪالرو ، خيرالنساء، ڊي ايس پي سٽي عمرڪوٽ ، نادرا انچارج نور محمد ڀنڀرو ، انفارميشن آفيسر محمد اسلم ڀٽي پرنسپال بوائز ڊگري ڪاليج عبدالرئوف سومرو ، ايڊيشنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ ھريش چندر، اياز ڪاڇيلو ٽيڪسيشن آفيسر ميونسپل ڪميٽي اويس سميجو، اڪائونٽ، سوشل ويلفيئر، ٻيلي کاتي سميت ٻين کاتن جي عملدارن،سينئر صحافي الياس ٿري ، چيئرمين پريس ڪلب مئنيجمينٽ ڪميٽيءَ عمرڪوٽ رسول بخش رحيمداڻي ۽ بين صحافين شرڪت ڪئي اجلاس ۾ چيئرمين ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ حاجي بقا پلي پاران پريس ڪلب عمرڪوٽ جي سينيئر صحافي سائين ريحان شبير ھاشمي جي مغفرت لاءِ دعا پڻ گهري وئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
ضلعي ڪائونسل
حاجي محمد بقا پلي
0 تبصرے