English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ قدرتي آفتن جي روڪٿام ۽ بچاءُ جو عالمي ڏينھن ملھائڻ بابت تقريب منعقد
181 views
|
11th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
ضلعي حڪومت ضلعي اندر ايندڙ قدرتي آفتن کي مُنھن ڏيڻ لاءِ ھر وقت تيار رھندي آئي آھي: منور عباس سومرو
ٺٽو(ڊ ر) سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن ۽ ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي طرفان قدرتي آفتن جي روڪٿام ۽ بچاءُ جو عالمي ڏينھن ملھائڻ بابت دربار ھال ڊي سي آفيس مڪلي ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو ڳالھائيندي چيو تہ ضلعي حڪومت ضلعي اندر ايندڙ قدرتي آفتن کي مُنھن ڏيڻ لاءِ ھر وقت تيار رھندي آئي آھي. ھُن چيو تہ تازو ئي برساتن سبب جيڪو نقصان ٿيو ان جي ازالي ۽ حل لاءِ ڪوششون ڪيون آھن. ڊپٽي ڪمشنر ان ڳالھ تي زور ڀريو تہ مستقل بنيادن تي اھڙي حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آھي تہ جيئن ايندڙ نقصانن کي وقتائتي نموني سان مُنھن ڏئي سگهجي. ھُن چيو تہ اين جي اوز سميت سمورن لاڳاپيل ادارن کي گهرجي تہ ھو نہ فقط قدرتي آفتن دوران پر عام ڏينھن ۾ پڻ پاڻ ۾ ويجهي رابطي ۾ رھندي قدرتي آفتن کي مُنھن ڏيڻ لاءِ ھر وقت تيار رھن تہ جيئن آفتن دوران نقصانن کان بچي سگهجي. ھُن چيو تہ طوفانن ۽ ٻوڏ سميت آفتن کان عوام کي تحفظ فراھم ڪرڻ لاءِ محفوظ پناھگاھون بڻائڻ وقت جي اھم ضروت آھي. ان موقعي تي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن جاويد حسين ھالائي ڳالھائيندي چيو تہ طوفانن ۽ آفتن کان بچڻ لاءِ ساحلي پٽي تي اھڙا سينٽر ٺاھڻ گهرن جتي ماڻھن کي طوفانن ۽ ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ محفوظ بڻائي سگهجي. ان موقعي تي پروجيڪٽ مينيجر ايس سي ايف حميرا علي، پروجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر عبداللہ خان، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بھراڻي ۽ ٻين پڻ قدرتي آفتن جي روڪٿام ۽ بچاءُ بابت روشني وڌي. تقريب ۾ مختلف کاتن جي عملدارن ۽ اين جي اوز جي نمائندن شرڪت ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
سنڌ ڪميونٽي فائونڊيشن
ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي
منور عباس سومرو
0 تبصرے