English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي: لاسي ڳوٺ ڀرسان لياري ندي ھڪ ٻيو معصوم ٻارڙو ڳڙڪائي وئي
113 views
|
11th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
9ورھين جو عزير برفت پٽ رضا محمد برفت راند ڪندي پير ترڪڻ سبب لياري ندي ۾ ڪري پيو، ڳولا جاري
ڪراچي (اعجاز چانڊيو) لاسي ڳوٺ ڀرسان موتمار لياري ندي ھڪ ٻيو معصوم ٻارڙو ڳڙڪائي وئي. 24 ڪلاڪ گزرڻ باوجود معصوم ٻارڙي جو لاش نه ملي سگھيو. ٽائون انتظاميه اگھور ننڊ ستل. معصوم ٻارڙي جي گھر ۾ قھرام متل. تفصيل موجب. گزريل ڏينھن لاسي ڳوٺ ڀرسان لياري ندي ھڪ سال اندر ڇھ کان وڌيڪ معصوم جانيون ڳڙڪائي وئي. ڪي ايم سي کي برساتي نالن جي صفائي سٿرائي لاء اربين روپين جا فنڊ ملڻ باوجود لياري ندي کي رھائشي پاسي کان ديوار به لڳائي نه سگھي. جنھن سبب معصوم گلڙن جا ٻار ندي ڀرسان راند ڪندي ٻڏي فوت ٿيڻ معمول بڻجي ويو. سھراب ڳو ٺ جي علائقي لاسي ڳوٺ ڀرسان لياري ندي ۾ 9 ورھين جو عزير برفت پٽ رضا محمد برفت راند ڪندي پير نڪري وڃڻ سبب لياري ندي ۾ ڪري پيو اطلاع باوجود ٽائون انتظاميه توڙي ريسڪيو ٽيمن جي سست رويي سبب معصوم ٻارڙي جو لاش 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود نه ملي سگھيو. معصوم ٻارڙي جي وارثن ٻڌايو ته ڪي ايم سي عملي جي نااھلي سبب اسان جا گلن جھڙا ٻارڙا روزانو ڪري فوت ٿين ٿا پر انتظاميه جي ڪنن تي جوء نٿي چري اسان ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪري چڪا آھيون پر ھتي ڪو ٻڌڻ لاء تيار ڪونھي. يوسي 4 جي چونڊيل نمائندن توڙي سھراب ڳوٺ ٽائون چيئرمين وٽ ھيوي مشينري موجود ناھي. ھن. ٻڌايو ته رات دير سان شاول موڪليو ويو ٿوري دير نا مڪمل صفائي بعد اھو به واپس هليو ويو ۽ ان بعد اڄ به باربار فون ڪرڻ باوجود 1 وڳي شاول موڪليو ويو. ھي وڏو سانحو ٿي ويو آھي پر سھراب ڳوٺ ٽائون چيئرمين 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود اسان ڏي ھمدردي ڪرڻ ناھي آيو. ھنن وڌيڪ چيو ته معصوم جو لاش 24 ڪلاڪ گزرڻ باوجود ناھي ملي سگھيو. ھنن چيو ته لياري ندي ۾ پروجيڪٽ تي ڪم شروع ڪرڻ وقت پاڻي لاء رستو فيڪٽرين واري پاسي ڏيڻ بجاء رھائشي گھرن ڏانھن منتقل ڪيو ويو جنھن سبب ھڪ سال اندر ھي 8 کان 10 ھون واقعيو آھي. ھي لياري ندي ھاڻي خوني ندي ٿي وئي آھي. ڪي ايم سي. ڊي ایم سي توڙي سھراب ڳوٺ ٽائون انتظاميه لياري ندي کي رھائشي پاسي کان ديوار ناھن لڳائي سگھيا. ھنن اعلي اختيارن کا مطالبو ڪيو ته معصوم ٻارڙي جي لاش کي ڳولڻ ۾ مدد ڪئي وڃي..
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
لاسي ڳوٺ
لياري ندي
0 تبصرے