English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پيپلز پارٽي پاران اقتدار خاطر سنڌو درياءَ، سنڌ جي وحدت، مالڪي ۽ وسيلا وڪڻڻ کي سنڌ جو عوام قبول نہ ڪندو: اياز لطيف پليجو
views
|
16th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ٻيا ڌاڙيل واھ تعمير ڪرائي نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي حڪومت سنڌو درياھ سڪائي ڇڏيو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ قومي عوامي تحريڪ سنڌو درياھ لاءِ ھر دور ۾ اڳواڻي وارو بنيادي ڪردار ادا ڪيو آھي. قومي عوامي تحريڪ ھر صورت ۾ سنڌ جي عوام ۽ سنڌ جي مفادن جو تحفظ ڪيو آهي ۽ سنڌ جي حق لا۽ جدوجھد کي ترجيح ڏني آھي.اياز لطيف پليجي ڪارڪنن کي ھدايت ڪئي آھي تہ سنڌو درياھ کي سڪائي ڀڙڀانگ ڪرڻ لاء 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ارسا قانون ۾ ترميم خلاف 18 ۽ 19 آڪٽوبر تي ملير پريس ڪلب کان بدين تائين نڪرندڙ بيداري مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪن.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي اقتدار خاطر جيڪا بہ جوڙ توڙ ڪري سندن مرضي آھي پر اقتدار خاطر سودي ۾ سنڌو درياءَ، سنڌ جي وحدت، مالڪي ۽ وسيلا وڪڻڻ کي سنڌ جو عوام ڪڏھن بہ قبول نہ ڪندو۔ آصف زرداري ٽولو 16 سالن کان سنڌ تي قابض ٿي ھر شئي نيلام ڪري رھيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ٻيا ڌاڙيل واھ تعمير ڪرائي نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي حڪومت سنڌو درياھ سڪائي ڇڏيو. انڊس رور سسٽم ۾ سنڌ جي ضرورتن جيترو پاڻي ناھي. سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نہ ٿيڻ ڪري سمنڊ ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعي جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. تمر جا ٻيلا ختم ٿي رھيا آھن. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي. جنھن ڪري سنڌ جي زرعي معيشت تباھ ٿي رھي آھي. بک، بدحالي ۽ بيروزگاري وڌي وئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ جيڪو ڪم ايوب خان، ضياالحق، پرويز مشرف نہ ڪري سگھيا، اھو ڪم ايوان صدر ۾ ويھي آصف زرداري ڪري رھيو آھي. سنڌ جو عوام ڪڏھن بہ سنڌو درياھ خلاف سازش ڪامياب ٿيڻ نہ ڏيندو. 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ارسا آئين ۾ ترميم سنڌ دشمني آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
پیپلز پارٹی آئینی عہدے حاصل کر کے وفاق میں اقتدار کے مزے لوٹ رہی ہے،روزی خان کاکڑ
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
چيني سيڙپڪارن جي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان ملاقات
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شفقت شاهه شيرازي، رياض شاهه شيرازي ۽ ٻين جي ملاقات
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
پيپلز پارٽي
گريٽر ٿل ڪئنال
0 تبصرے