English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شيرازي خاندان جو بنيادي مقصد عوام جي بلا امتياز خدمت ڪرڻ آهي: سيد اياز شاهه شيرازي
141 views
|
13th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
ايم اين اي اياز شاهه شيرازي جي مان ۾ عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ آجياڻو ڏنو ويو
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)ايم اين اي سيد اياز شاهه شيرازي کي اڄ عوامي پريس ڪلب ٺٽو پاران شاندار آجياڻو ڏنو ويو، ان موقعي تي سيد اياز شاهه شيرازي خطاب ڪندي چيو ته شيرازي خاندان جو بنيادي مقصد عوام جي بلا امتياز خدمت ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته ٺٽي ۽ سجاول جو عوام شيرازي خاندان سان محبت ڪري ٿو ۽ اسان جو خاندان ڏينهن رات عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ مصروف آهي.ايم اين اي سيد اياز شاهه شيرازي ٻڌايو ته عوام جي تڪليفن کي نظر ۾ رکندي 33ڪلو ميٽرڪيٽي بندر روڊ منظور ڪرايو ويو آھي هن چليا کان حيدرآباد تائين جي روڊ لاءِ به 35 ڪروڙ رپيا منظور ٿيڻ جو اعلان ڪيو.هن پنهنجي خطاب ۾ صحافتي ميدان ۾ عوامي پريس ڪلب جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته "عوامي پريس ڪلب جا صحافي ضلعي ٺٽي جي عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جنهن تي آئون کين خراج تحسين پيش ڪريان ٿو." هن وڌيڪ چيو ته صحافت هڪ عظيم شعبو آهي ۽ عوامي پريس ڪلب ٺٽي جا صحافي عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهن.سيد اياز شاهه شيرازي پنهنجي تقرير دوران ضلعي ٺٽي جي مسئلن تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن کي ٺٽي جي مسئلن تي سنجيده ٿيڻ گهرجي.سيد اياز شاهه شيرازي اين سي ايڇ ڊي واري معاملي تي ڳالھائيندي چيو ته اھو اشو پڻ اسان حل ڪرائي رھيا آھيون. ھن وڌيڪ چيو ته نئين بارڻ واري پل جيڪاارڙهن سئو سٺ واري ڏهاڪي جي تعمير ٿيل آھي ۽ زبون حال آھي ۽ ڪنهن به وقت حادثي جو سبب بڻجي سگهي ٿي.تنھن جو به ست سئو ميٽرن جو ڏيڍ ارب روپين جو مون ٽينڊر منظور ڪرايو آھي جنھن جو ڪم جلد شروع ٿيندو.آخر ۾ هن پيپلز پارٽي جو ذڪر ڪندي چيو ته "اسان بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن ۽ پارٽي جي مشن تحت ٺٽي ۽ سجاول جي عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھيا آهيون."ان موقعي تي عوامي پريس ڪلب جي سمورن عهديدارن ۽ ميمبرن سيد اياز شاهه شيرازي جو شاندار استقبال ڪيو ۽ کيس اجرڪون ۽ لونگون تحفي طور پيش ڪيون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سيد اياز شاهه شيرازي
شيرازي خاندان
ايم اين اي اياز شاهه
0 تبصرے