English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي: سھراب ڳوٺ ٽائون جي شهرين جو ٽائون چيئرمين خلاف احتجاج، صحافي به شامل
119 views
|
13th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
ٽائون چيئرمين لالا عبدالرحيم پاران صحافي نبي بخش خاصخيلي کي ھرجاڻي واري نوٽيس اماڻڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو
ڪراچي (اعجاز چانڊيو )سھراب ڳوٺ ٽائون جي عوام ٽائون چيئرمين لالا عبدالرحيم خلاف ريفريڊم ڏئي ڇڏيو. قلم ڌڻين سان يڪجھتي جو اظهار. سھراب ڳوٺ ٽائون جي چيئرمين لالا عبدالرحيم پاران صحافي نبي بخش خاصخيلي ھرجاڻي واري نوٽيس اماڻڻ ۽ قلم ڌڻين کي حراسان ڪرڻ ۽ صحافين جي ڪردار ڪشي خلاف لاسي ڳوٺ جي بسم الله چونڪ کان گڏاپ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. جنھن ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن. قومپرست پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪري قلم ڌڻين سان ايڪي جو اظهار ڪيو. اڳواڻن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلع اولھ صدر رجب مگسي. ڪراچي ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر الطاف ميمڻ. عوامي تحريڪ جان ڏاھري. ن ليگ جي غلام سرور تنيو. فنڪشنل ليگ جي فيروز پنھور. جماعت اسلامي عبدالستار برفت. سماجي اڳواڻ علي بابا پنھور. شاھد عباسي. محمد اسلم شاھاڻي. اختيار علي چنو. عبدالحفيظ بلوچ. منور ديشي. اشتياق حسين قريشي. عابد حسين باريجو. ارشد علي پنھور. مختلف پريس ڪلب جي صحافين ۾ مير علي گوھر بلوچ. جئي رام پنھيار. گلشير باريجو. امتياز جکراڻي. محمد سالم ڏاھري. مجيب الرحمان برفت. اصغر بروھي. فداحسين رند. آصف شاھاڻي. بالاچ شاھاڻي. جلال الدين شاھاڻي. علي محمد ڀٽو. دلدار سيلرو. باغي ساگر. عبدالحڪيم جتوئي. ثناء اللھ ڪاڪڙ. عبيد شاھ. صفدر ابڙو. ديدار چانڊيو. نظير حسين وڌيو. عبدالوھاب پھوڙ. امتياز بڙدي. امداد لغاري. محمد علي خاصخيلي. اعجاز چانڊيو. عمران ميزان. سيد نعيم شاھ. پير يونس چانڊيو. علي بخش بلوچ. عبدالجبار چانڊيو. خالد ساميٽيو. اسد جتوئي. فدا حسین پنھور. باقر گوپانگ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سھراب ڳوٺ ٽائون جو چيئرمين لالا عبدالرحيم ڪرپشن جو بي تاج بادشاه آھي. جنھن مختلف ترقياتي ڪمن ۾ گھوٻيون ھنيو. جنھن ۾ ايوب ڳوٺ کان لاسي ڳوٺ ويندڙ مين روڊ جو ھڪ حصو ٺھيل آھي ته ٻيو ناھي ٺھيل. ايوب ڳوٺ چونڪي کان محمدي ڳوٺ جو روڊ پڻ تباھ ٿيل آھي. جڏھن ته ھر يونين ڪاؤنسل ۾ گندگي جا ڍير لڳل آھن ڪمن جي نشاندھي تي صحافين کي حراسان ڪري ھرجاڻي جا نوٽيس اماڻيا پيا وڃن. ٽائون چيئرمين جي اھڙي حرڪت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. ھنن چيو ته اسان ھر محاذ تي صحافين سان گڏ آھيون. ٽائون چيئرمين جي ڪابه داداگيري برداشت نه ڪئي ويندي. صحافي حق ۽ سچ جو آواز آھن انھن جي آواز کي ڪير به دٻائي نٿو سگھي. لالا عبدالرحيم کي گھرجي تي اماڻيل نوٽيس واپس وٺي قلم ڌڻين کان معذرت گھري. ھنن چتاء ڏيندي چيو ته جيڪڏھن لالا عبدالرحيم معافي نه گھري ته ڪراچي پريس آڏو ڌرڻو ھڻنداسين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٽائون چيئرمين لالا عبدالرحيم
سھراب ڳوٺ ٽائون
ڪراچي
0 تبصرے