English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ پاران ڳيريلو ۽ ڳڙهي خيرو ۾ ۾ نوان ڪئنال منصوبي خلاف ريلي
270 views
|
20th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياھ سنڌ جو ساھ آھي، سنڌو درياھ ھزارين سالن جي تھذيب جو اھڃاڻ آھي: اڳواڻ
ڳڙهي خيرو /ڳيريلو (رپورٽرز) قومي عوامي تحريڪ پاران ڳيريلو ۾ سنڌو درياھ مٿان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن جميل احمد لاڙ، سهيل احمد ابڙو، ياسين سنڌي ،نادر بليدي ﷲ رکيو سولنگي جي اڳواڻي ۾ ڳيريلو بس اسٽاپ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي ڳڙھي خيرو ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن جاويد سنڌي نياز علي عمراڻي ماما زاھد حسين عاشق جمالي اصغر جمالي خالد عمراڻي معشوق جمالي شھبان جمالي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تہ سنڌو درياھ سنڌ جو ساھ آھي، سنڌو درياھ ھزارين سالن جي تھذيب جو اھڃاڻ آھي. سنڌو درياھ سنڌ جي زندگي آھي. حڪمرانن کي سمجھڻ گھرجي تہ انڊس رور سسٽم ۾ ملڪ جي ضرورت جيترو پاڻي ناھي، جنھنڪري ڪو بہ ڪئنال ۽ ڊيم ملڪ ۽ سنڌ جي مفاد ۾ ناھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، جيڪڏھن ڊيم ٺھي ويا تہ سنڌ تباھ ٿي ويندي. سنڌ جي زرعي معيشت تباھ ٿي ويندي. سنڌ جي ماڻھن کي غسل ڏيڻ جيترو بہ پاڻي نہ ملندو. اڳواڻن چيو تہ پيپلزپارٽي پارٽي اقتدار ۽ پئسي جي بک ۾ سنڌ جي تھذيب،تاريخ ۽ سنڌو درياءَ تي حملا نہ ڪري. سنڌو درياھ سان سنڌ آھي،7 ڪروڙ انسانن جي زندگي آھي، ملڪ جي بقا آھي، سنڌ خلاف ڪنھن بہ قسم جي سازش دراصل ملڪ خلاف سازش آھي، انڪري سنڌو درياھ کي ختم ڪرڻ، قتل ڪرڻ لاء ڪو بہ ڪئنال ۽ ڪو بہ ڊيم يا ٻيو منصوبو قبول نہ ڪيو ويندي. ان جي پرامن جدوجھد ذريعي لکين عوام سان گڏجي مزاحمت ڪئي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ

Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قومي عوامي تحريڪ
عوامي تحريڪ
0 تبصرے