English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور بچايو تحريڪ پاران بدامني، ٻارڙن جي اغوائن خلاف ٻئي ڏينهن به احتجاج، علامتي ڪيمپ قائم
views
|
21st Oct 2024
•
سنڌي خبرون
شهر ۽ ڀرپاسي بدامني جي باهه ڀڙڪيل آهي، ڌاڙيلن پيرسن ماڻهن ۽ معصوم ٻارڙن کي به بخش نٿا ڪن: اڳواڻ
شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور بچايو تحريڪ پاران شھر ۾ وڌندڙ بدامني، معصوم ٻارڙن جي اغوائن، چورين، ڦُرون، ڌاڙن، ۽ منشيات جي ڪاروبار خلاف ٻئي ڏينھن بہ شھر جي لکيدر گھنٽا گھر چوڪ تي پرامن احتجاجي علامتي ڪيمپ لڳائي وئي. احتجاج مظاھري ۾ شڪارپور بچايو تحريڪ جي چيئرمين الاھي بخش شيخ، جنرل سيڪريٽري عبدالوهاب ڪاغذي ، جوائنٽ سيڪريٽري صاحبزاده فضل ﷲ نوراني، پريس سيڪريٽري عبدالغفور دايو، ايڊوڪيٽ علي اصغر پھوڙ، مولانا صبغت ﷲ قادري. عبدالفتاح مھر، ڏاڏو طاھر سومرو، عبدالحنان بگن سومرو، عبدالرشيد رند، مولانا مفتي طاھر سھندڙو، حاجي گلزار احمد شر، ۽ ابوبڪر بکراڻي شرڪت ڪئي، جڏهن ته وڏي انگ ۾ شھرين به احتجاج ۾ شرڪت ڪئي.احتجاج جو مقصد شھر ۾ وڌندڙ بدامني، خاص طور تي ناصر بکراڻي ۽ وليد ميمڻ جي اغوائن تي پوليس ۽ حڪومت جي ڌيان ڇڪائڻ هو. احتجاج ڪندڙن انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته امن امان جي صورتحال کي فوري طور تي بھتر بڻايو وڃي، معصوم ٻارڙن جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي، ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.شڪارپور بچايو تحريڪ جي اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته شھر جي عوام لاءِ بدامني ۽ معصوم ٻارڙن جي اغوائن کي برداشت ڪرڻ هاڻي ناممڪن ٿي ويو آهي. اھا صورتحال نه صرف شھرين جي ذهني سڪون تي اثرانداز ٿي رهي آهي، پر انھن جي روزمره زندگيءَ تي به ناڪاري اثر وجهي رهي آهي. اڳواڻن خبردار ڪيو ته جيڪڏھن انتظاميا ان مسئلي تي فوري طور تي قدم نه کنيا ته احتجاجي مظاهرا جاري رکيا ويندا ۽ وڌيڪ سخت اپاءَ به ورتا ويندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور بچايو تحريڪ
0 تبصرے