English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ بلڙي شاهه ڪريم واسي نوجوان جو معصوم ڀاءُ سميت سول اسپتال مڪلي انتظاميه خلاف احتجاج
42 views
|
21st Oct 2024
•
سنڌي خبرون
ننڍي ڀاءُ جي هرنيا جي آپريشن لاءِ ڊاڪٽر هڪ هفتي کان پريشان ڪري رهيا آهن، سرجيڪل وارڊ ۾ بجلي ئي ناهي: علي اڪبر سمون
ٺٽو( شفيق ڀٽي)بلڙي شاهه ڪريم جي رهواسين پنهون مهيشوري ۽ ليهار مهيشوري ۽ ٺٽي شهر واسي علي اڪبر سمون عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ ڌار ڌار پريس ڪانفرنسون ڪندي چيو آهي ته اسان کي هرنيا جي آپريشن لاءِ پنجن ڏينهن کان وٺي دربدر ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته علي اڪبر سمون جو چوڻ هو ته کيس سندس ننڍي ڀاءُ جي هرنيا جي آپريشن لاءِ هڪ هفتي کان وٺي پريشان ڪيو پيو وڃي. ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته سول اسپتال مڪلي جي سرجيڪل وارڊ ۾ بجلي نه هجڻ سبب مڇرن جو پڻ وڏو آزار آهي، جنهن ڪري مريضن ۽ ان سان گڏ ايندڙن جي حالت وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي، جنھن لاءِ انتظاميه پاران ڪي به اپاءُ نٿا ورتا وڃن ,پنهون مھيشوري، ليهار مھيشوري ۽ علي اڪبر سمون وڌيڪ چيو ته اسپتال ۾ سفارش کڻي ايندڙ مريضن جو علاج فوراً ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته اسان جهڙا غريب ماڻهو دربدر ٿي رهيا آهيون. سول اسپتال مڪلي مرف انتظاميه جي حوالي ٿيڻ کانپوءِ منجھس صحت جون سهولتون مڪمل طور تي اڻلب آهن. هنن صحت کاتي جي وزير ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته سول اسپتال مڪلي ۾ فوري طور تي بجلي جي فراهمي، علاج جون بنيادي سهولتون ۽ غريب مريضن کي مناسب علاج فراهم ڪرڻ جو بندوبست ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Dec 2025
•
سندھ
سجاول ۾ نافرمان پٽ خلاف پيرسن پيءُ جو احتجاج
17th Dec 2025
•
تازہ ترین
شہید محترمہ بینظیر بھٹو کی 18ویں برسی کے سلسلے میں پاکستان پیپلز پارٹی تحصیل باقرانی کی ایگزیکٹو کمیٹی کا اجلاس
16th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی فائرنگ کیس: حملہ آور ساجد اکرم 1998 میں بھارت سے آسٹریلیا منتقل ہوا، بھارتی میڈیا
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
17th Dec 2025
•
سندھ
سجاول ۾ نافرمان پٽ خلاف پيرسن پيءُ جو احتجاج
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ميهڙ واسي جو پٽ سميت ڀاءُ خلاف ڪراچي ۾ احتجاج
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
گڏاپ ۽ ابراهيم حيدري ٽائون جي ڳوٺن ۾ گندگي ۽ گٽرن جي پاڻي جو آزار
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ذوهيب خان پنهور پاران وڏيري ذوالفقار پنهور سان تعزيت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽي
بلڙي شاهه ڪريم
سول اسپتال مڪلي
مرف
0 تبصرے