English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملڪ جون حالتون خراب آھن، حڪمران اقتداري مفادن خاطر ملڪ جي بقا داءُ تي لڳائي ڇڏي آھي: اياز لطيف پليجو
views
|
21st Oct 2024
•
سنڌي خبرون
آصف زرداري، بلاول ۽ وزيراعظم کان سنڌ جو عوام پڇي ٿو تہ ڇا اسين آفريقي صحرا آھيون
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ جون حالتون خراب آھن. حڪمران اقتداري مفادن خاطر ملڪ جي بقا داءُ تي لڳائي ڇڏي آھي اتحادي حڪومت آمريت حڪومتن جو تسلسل ثابت ٿي آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي 7 ڪروڙ ماڻھن جي بقا ۽ مستقبل جو دارومدار سنڌو درياھ تي آھي. سنڌ جي ماڻھن جو صبر ختم تي رھيو آھي. تمام گھڻي دير نہ ٿي وڃي. آصف زرداري، بلاول ۽ وزيراعظم کان سنڌ جو عوام پڇي ٿو تہ ڇا اسين آفريقي صحرا آھيون. سنڌ حڪومت سنڌ جو پاڻي ۽ وسيلا ڏئي اقتدار خريد ڪيو آھي. پارليامينٽ ۽ سي سي آئي سنڌ جي پاڻي کان لاتعلق بنيل آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاق چيو ھو تہ چشمه، تونسا ڪئنال وغيره ٻوڏ جا واھ آھن پر اھي ڪئنال مستقل وھايا پيا وڃن. سي سي آء ۾ ھڪ صوبي جي اڪثريت آھي. چار ميمبر پنجاب جا آھن. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇوڙ نٿو ڪيو وڃي. بدين، ٺٽو، سجاول ۽ ڊيلٽا سخت متاثر آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ چولستان ڪئنال ٺھيو تہ سنڌ جو پاڻي بند ٿي ويندو. سنڌ بنجر ٿي ويندي. ٺٽو، سجاول، بدين، ڄامشورو ۽ ٿر ۾ پيئڻ جو پاڻي ناھي. سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي رھيو آھي. اعتراضن باوجود سي ڊي ڊبليو پي تڪراري منصوبن جي منظوري ڇو ڏني. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ جي زرعي جي نالي تي سنڌ کي بنجر ۽ ڀڙڀانگ نہ ڪيو. سنڌ ملڪ جي معيشت جو مرڪز آھي، ان جي تباھي ملڪ دشمني آھي. ارسا، واپڊا، سي ڊي ڊبليو پي ۽ سي سي آء مان تعصب پرست ميمبر ھٽايا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪرڻ تي سنڌ اسيمبلي، ايم پي اي، ايم اين ايز ڇو خاموش آھن. وفاقي ۽ صوبائي حڪمران سنڌ جي عوام جو استحصال بند ڪن. سنڌ جا ماڻھو ھر قيمت تي سنڌ جي پاڻي ۽ وسيلن جو دفاع ڪندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
آصف زرداري
سي سي آء
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے