English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملڪ جون حالتون خراب آھن، حڪمران اقتداري مفادن خاطر ملڪ جي بقا داءُ تي لڳائي ڇڏي آھي: اياز لطيف پليجو
174 views
|
21st Oct 2024
•
سنڌي خبرون
آصف زرداري، بلاول ۽ وزيراعظم کان سنڌ جو عوام پڇي ٿو تہ ڇا اسين آفريقي صحرا آھيون
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ جون حالتون خراب آھن. حڪمران اقتداري مفادن خاطر ملڪ جي بقا داءُ تي لڳائي ڇڏي آھي اتحادي حڪومت آمريت حڪومتن جو تسلسل ثابت ٿي آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي 7 ڪروڙ ماڻھن جي بقا ۽ مستقبل جو دارومدار سنڌو درياھ تي آھي. سنڌ جي ماڻھن جو صبر ختم تي رھيو آھي. تمام گھڻي دير نہ ٿي وڃي. آصف زرداري، بلاول ۽ وزيراعظم کان سنڌ جو عوام پڇي ٿو تہ ڇا اسين آفريقي صحرا آھيون. سنڌ حڪومت سنڌ جو پاڻي ۽ وسيلا ڏئي اقتدار خريد ڪيو آھي. پارليامينٽ ۽ سي سي آئي سنڌ جي پاڻي کان لاتعلق بنيل آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاق چيو ھو تہ چشمه، تونسا ڪئنال وغيره ٻوڏ جا واھ آھن پر اھي ڪئنال مستقل وھايا پيا وڃن. سي سي آء ۾ ھڪ صوبي جي اڪثريت آھي. چار ميمبر پنجاب جا آھن. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇوڙ نٿو ڪيو وڃي. بدين، ٺٽو، سجاول ۽ ڊيلٽا سخت متاثر آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ چولستان ڪئنال ٺھيو تہ سنڌ جو پاڻي بند ٿي ويندو. سنڌ بنجر ٿي ويندي. ٺٽو، سجاول، بدين، ڄامشورو ۽ ٿر ۾ پيئڻ جو پاڻي ناھي. سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي رھيو آھي. اعتراضن باوجود سي ڊي ڊبليو پي تڪراري منصوبن جي منظوري ڇو ڏني. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ جي زرعي جي نالي تي سنڌ کي بنجر ۽ ڀڙڀانگ نہ ڪيو. سنڌ ملڪ جي معيشت جو مرڪز آھي، ان جي تباھي ملڪ دشمني آھي. ارسا، واپڊا، سي ڊي ڊبليو پي ۽ سي سي آء مان تعصب پرست ميمبر ھٽايا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪرڻ تي سنڌ اسيمبلي، ايم پي اي، ايم اين ايز ڇو خاموش آھن. وفاقي ۽ صوبائي حڪمران سنڌ جي عوام جو استحصال بند ڪن. سنڌ جا ماڻھو ھر قيمت تي سنڌ جي پاڻي ۽ وسيلن جو دفاع ڪندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
آصف زرداري
سي سي آء
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے