English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سيرت لنبي صه ڪانفرنس جو اکين ڏٺو احوال
187 views
|
01st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مشتاق احمد لنڊ
فخر موجودات , سرور ڪائنات , رحمت للعالمين , سوا لک نبين جي سردار مٺي مدني منٺا ر حضرت محمد مصطفيٰﷺ جن جي ولادت با سعادت جي خوشيء ۾ ” سيرت النبي پاڪ صه “ جي ھڪ شاندار ۽ پر وقار تقريب گورنمينٽ تعمير نئون ھاء اسڪول سکر ۾ ٿي گذري . ھن روحاني ۽ مقدس تقريب جا چيف گيسٽ ممتاز تعليمي ماھر ، علم دوست آفيسر ۽ ھر دل عزيز شخصيت حافظ شھاب الدين انڍڙ , ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن ايليمينٽري , سيڪنڊري ۽ ھائير سيڪنڊري ايجوڪيشن سکر ريجن سکر , جڏهن ته ڪو چيف گيسٽ ممتاز تعليمي ماھر عبدالعزيز ڪلھوڙو ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ايليمنٽري سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن ضلع سکر ھئا . اعزازي مھمان جاويد حميد قريشي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر ايليمنٽري سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن آفيسر ميل تعلقه سکر سٽي هئا . ھن تقرريب جي صدارت حافظ لعل محمد تنيو سينئر ھيڊماستر گورنمينٽ تعمير نئون ھاء اسڪول سکر ڪئي . استادن سيد نديم حسين شاھ بخاري , مشتاق علي لنڊ , محمد رمضان مري ھيڊ ماستر , احمد ظفر انصاري , فرسٽ اسسٽنٽ , محمد راشد , انعام نبي , سفير احمد ميتلو , سليم الله پٺاڻ , ۽ ٻين ھڪ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۔ اسڪول جي ٻارن ذھني آزمائش جي مقابلن ۾ حصو ورتو قرعت ۽ نعت ۽ تقريرون ڪري پاڻ سڳورن تي عقيدت جا گل نڇاور ڪري قابليت جا جوھر ڏيکاريا . حافظ لعل محمد تنيو سينئر ھيڊ ماستر گورنمينٽ تعمير نو ھاء اسڪول سکر معزز مھمانن کي ڀليڪار ۽ مرحبا ڪندي , تشريف فرما ٿيڻ تي ٿورا مڃيا . عبدالعزيز ڪلھوڙو ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ايليمينٽري , سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن ضلع سکر خطاب ڪندي چيو ته حافظ لعل محمد تنيو سينئر ھيڊ ماستر , استادن , ٻارن ۽ خصوصي طور جاويد حميد قريشي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر کي پروگرام منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ھجن . جاويد حميد قريشي صاحب تعلقه ايجوڪيشن آفيسر سدائين محنت سان اھڙا پروگرام ڪندا رھندا آھن . حافظ شھاب الدين انڍڙ ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن ايليمينٽري , سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن سکر ريجن سکر جو به ٿورائتو آھيان جو مصروفيتن باوجود پروگرام ۾ شرڪت ڪري پروگرام کي رونق بخشيو آھي . پاڻ وڌيڪ چيائون ته حضور اڪرم صه جن نھايت مھربان , ٻاجھارا , رحمدل ۽ سخي ھئا . پاڻ سڳورن صه جي اخلاق مبارڪ جي شاھدي خود قرآن مجيد ۾ موجود آھي , ترجمون ” بيشڪ توھان لاء رسول الله جي ذات ۾ بھترين نمونو آھي . “ استاد صاحبان روزانه ٻارن کي سيرت النبي پاڪ صه ۽ سنت مبارڪن بابت ڪلاسن ۾ به ٻارن کي ٻڌائڻ ۽ سمجھائڻ گھرجي . حافظ شھاب الدين انڍڙ ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن ايليمينٽري , سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن سکر ريجن سکر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته حافظ لعل محمد تنيو سينئر ھيڊ ماستر ۽ جاويد حميد قريشي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر ھن با برڪت پروگرام منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ھجن . اھڙا مقدس پروگرام بيحد ضروري آھن . ھنن ٻارن جي موجودگي کي سماج جي شرڪت سمجھيو وڃي . ھي ٻار ھتان سيرت النبي پاڪ صه بابت سکي اھي ڳالھيون ۽ عمل گھرن ۾ ڪندا آھن . ھي ٻار ئي سماج جي ڪاميابيء جا اصل ڪردار آھن . اسان سماج کي ساڃاه وند پيڙھي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون . اسان جي ھٿ وس ڪوشش ڪرڻ آھي باقي ڪرڻو ڪريم کي آھي جيڪو بيحد مھربان ۽ ٻاجھارو آھي . پاڻ وڌيڪ چيائون ته اڃا ھنن ٻارن جي نثر ۽ نظم پڙھڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي . شعر پڙھڻ جي آواز ۽ انداز کي اڃا وڌيڪ بھتر بنائڻ جي ضرورت آھي . اھي ڳالھيون ۽ ھدايتون جنرل سڀني لاء آھن . ٻارن ۾ صلاحيتون آھن بس ان ۾ نکار آڻڻ ۽ موقعن ڏيڻ جي ضرورت آھي . قرآن مجيد ۾ آھي ته ترجمون ” بيشڪ اي محمد صه تون سھڻي اخلاق جي وڏي مرتبي تي آھين “. پاڻ سڳورا صه جن گفتگو نھايت آھستگيء سان فرمائيندا ھئا . نبي ڪريم ص جن جا اخلاق مبارڪ سموري انسانذات لاء واٽ جي لاٽ آهن ـ انهيَ واٽ جو "سھائو" روشني اعلي اخلاق جي قدرن وڃايل ماڳ تي رسائڻ لاء اڄ به اسان جو سونھون بڻجي سگهي ٿو . آخر ۾ حافظ لعل محمد تنيو ۽ استادن تعليمي آفيسرن کي خدمتن جي مڃتا ۾ شيلڊ پيش ڪيا ـ تعليمي آفيسرن استادن کي بھترين استاد جون شيلڊون ڏنيون ۽ پڻ پوزيشن کڻندڙ ٻارن کي شيلڊون ڏنيون
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سيرت لنبي
ڪانفرنس
فخر موجودات
سرور ڪائنات
مشتاق احمد لنڊ
0 تبصرے