English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ: اي ڊي سي ون جاويد احمد ڏاهري جي صدارت هيٺ غذائي کوٽ جي حوالي سان اجلاس
228 views
|
04th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
صحت کاتي سميت ٻين ادارن ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي وچ ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آھي: جاويد احمد ڏاھري
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڪوآرڊينيشن ڪميٽي(SSPA) ۽ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي فار نيوٽريشن (DCCN) ضلعي سطح تي خوراڪ ۽ غذائيت جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هي ڪميٽي غذائي پروگرام جي عملدرآمد ۽ انهن جي نگراني کي بهتر بڻائڻ سان گڏ ٻارڙن ۾ غذائيت جي بهتري ۾ پڻ مددگار ثابت ٿئي ٿي. اھڙن خيالن جو اظھار ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاويد احمد ڏاھري ڪوآرڊينيشن ڪميٽي (SSPA) ۽ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي فار نيوٽريشن (DCCN) غذائي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاء ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ ۾ مختلف سرڪاري، غير سرڪاري تنظيمن جي نمائندن ۽ اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاويد احمد ڏاھري چيو تہ صحت کاتي سميت ٻين ادارن ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي وچ ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آھي غذائي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاء منصوبابندي تي عملدرآمد ڪيو وڃي، غير سرڪاري تنظيم جي نمائندن کي ھدايتون ڏيندي چيو تہ ٻارڙن ۾ غذا ۽ صحت جي اهميت بابت شعور اجاگر ڪرڻ لاء سيمينار منعقد ڪيا وڃن، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاويد احمد ڏاھري وڌيڪ چيو تہ ضلعي جي سمورين يونين ڪائونسلن ۾ غذائيت جي کوٽ وارن ٻارڙن جي مڪمل رپورٽ ڏني وڃي، ان موقعي تي لاڳاپيل کاتن جي عملدارن اجلاس کي مڪمل بريفنگ ڏني وئي.ان موقعي تي اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊي ايڇ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر لڇمڻ داس، نادرا انچارج عمرڪوٽ نور محمد ڀنڀرو، ضلعي انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ عمرڪوٽ ھريش چندر، ڊسٽرڪٽ مئنيجر پي پي ايڇ آئي عمرڪوٽ شرف الدين ميمڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايگريڪلچر اياز ڪاڇيلو، ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر عمرڪوٽ عبدالحميد ميمڻ، ڊاڪٽر شير مھر، تعليم کاتي عملدارن، سماجي تنظيمن ھينڊز، سرسو سميت ٻين مختلف سماجي تنظيمن جي نمائندن ۽ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
جاويد احمد ڏاھري
SSPA
DCCN
ڪوآرڊينيشن ڪميٽي
0 تبصرے