English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ: اي ڊي سي ون جاويد احمد ڏاهري جي صدارت هيٺ غذائي کوٽ جي حوالي سان اجلاس
views
|
04th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
صحت کاتي سميت ٻين ادارن ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي وچ ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آھي: جاويد احمد ڏاھري
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڪوآرڊينيشن ڪميٽي(SSPA) ۽ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي فار نيوٽريشن (DCCN) ضلعي سطح تي خوراڪ ۽ غذائيت جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هي ڪميٽي غذائي پروگرام جي عملدرآمد ۽ انهن جي نگراني کي بهتر بڻائڻ سان گڏ ٻارڙن ۾ غذائيت جي بهتري ۾ پڻ مددگار ثابت ٿئي ٿي. اھڙن خيالن جو اظھار ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاويد احمد ڏاھري ڪوآرڊينيشن ڪميٽي (SSPA) ۽ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي فار نيوٽريشن (DCCN) غذائي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاء ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ ۾ مختلف سرڪاري، غير سرڪاري تنظيمن جي نمائندن ۽ اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاويد احمد ڏاھري چيو تہ صحت کاتي سميت ٻين ادارن ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي وچ ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آھي غذائي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاء منصوبابندي تي عملدرآمد ڪيو وڃي، غير سرڪاري تنظيم جي نمائندن کي ھدايتون ڏيندي چيو تہ ٻارڙن ۾ غذا ۽ صحت جي اهميت بابت شعور اجاگر ڪرڻ لاء سيمينار منعقد ڪيا وڃن، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاويد احمد ڏاھري وڌيڪ چيو تہ ضلعي جي سمورين يونين ڪائونسلن ۾ غذائيت جي کوٽ وارن ٻارڙن جي مڪمل رپورٽ ڏني وڃي، ان موقعي تي لاڳاپيل کاتن جي عملدارن اجلاس کي مڪمل بريفنگ ڏني وئي.ان موقعي تي اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊي ايڇ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر لڇمڻ داس، نادرا انچارج عمرڪوٽ نور محمد ڀنڀرو، ضلعي انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ عمرڪوٽ ھريش چندر، ڊسٽرڪٽ مئنيجر پي پي ايڇ آئي عمرڪوٽ شرف الدين ميمڻ، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايگريڪلچر اياز ڪاڇيلو، ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر عمرڪوٽ عبدالحميد ميمڻ، ڊاڪٽر شير مھر، تعليم کاتي عملدارن، سماجي تنظيمن ھينڊز، سرسو سميت ٻين مختلف سماجي تنظيمن جي نمائندن ۽ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jun 2025
•
سندھ
کراچی، تاجر کے گھر میں بڑی ڈکیتی کرنے والی ٹک ٹاکر بہن اور بھائیوں سمیت گرفتار
27th Jun 2025
•
تازہ ترین
اسرائیلی خفیہ ایجنسیوں سے روابط کے الزام میں ایران میں پھانسیاں اور گرفتاریاں
27th Jun 2025
•
پاکستان
پی ٹی آئی میں اختلافات، جنید اکبر اور اسد قیصر نے پارٹی پالیسیوں سے لاتعلقی کا اعلان کر دیا
27th Jun 2025
•
شوبز
شادی اردو بولنے والے خاندان میں ہوئی ہے، پنجابی میں صرف گالیاں دینا آتا ہے: زارا نور عباس
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ضلعي ۾ وسڪاري ۽ مٽيءَ جي طوفان تباهي مچائي ڇڏي، زندگيءَ جو نظام درهم برهم
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري جي ڳوٺ پونا ڀيل ۾ وڄ ڪرڻ سبب نينگري فوت
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ وسڪاري دوران خوفزده ٿيل نوجوان فوت، پنج پلي وٽان لاش هٿ
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: اسٽيل ٽائون پوليس جي ڪارروائي، ڊسٽرڪٽ جيل مان فرار ٿيل قيدي گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
جاويد احمد ڏاھري
SSPA
DCCN
ڪوآرڊينيشن ڪميٽي
0 تبصرے