English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ڀرسان چاچي هٿان قتل ٿيل 2 معصوم ٻارڙن جي الين اکين سان تدفين
32 views
|
15th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
جوابدار سترام ميگهواڙ خلاف سندس ڀاءُ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ڀرسان بي رحم چاچي ھٿان بيدردي سان قتل ٿيل ٻن معصوم گلڙن جيھڙن ٻارڙن وارو مامرو، مقتول ٻارڙن کي سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ڳوٺ ۾ سوڳوار ماحول ڇائينل، جوابدار جي ڀاءُ جي فرياد تي ڪيس داخل، گرفتار جوابدار 3 ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي. خبر موجب عمرڪوٽ ڀرسان ڳوٺ راڻا جاگير ۾ بي رحم چاچي سترام ميگھواڙ پاران سندس ٻن گلن جيھڙن ڀائيٽن اڍائي سالا نريندر پٽ راجيش ميگهواڙ ۽ 18 ميهنن جي سندر پٽ جيون ميگهواڙ کي گهران راند ڪرڻ جي بهاني ٻاهر وٺي وڃي ڪهاڙين جا وار ڪري بي دردي سان قتل ڪيل معصوم ٻارڙن سوين آلين اکين سڏڪن سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو جڏھن ته ڏکويندڙ واقعي تي معصومن جي گھر ۾ روڄ راڙو قھرام متل ھو ۽ ڳوٺ ۾ پڻ سوڳوار ماحول ڇائنجي ويو ۽ ھر اک آلي ھئي ٻي طرف واقعي جو ڪيس راجيش ڪمار پٽ ٻيجل ميگهواڙ جي فرياد تي ظالم چاچا سترام پٽ ٻيجل ميگهواڙ جي مٿان قلم 302 تحت سٽي ٿاڻي عمرڪوٽ تي داخل ڪيو ويو آھي جڏھن ته عمرڪوٽ پوليس گرفتار جوابدار سترام ميگھواڙ کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي 3 ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آھي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او عمرڪوٽ عطا لغاري ٻڌايو ته اسان واقعي جي جوابدار سترام ميگھواڙ کان قتل ڪرڻ ۾ استعمال ٿيل ڪھاڙي ھٿ ڪري جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو جنھن کي ٽن ڏينھن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو آھي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
16th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی فائرنگ کیس: حملہ آور ساجد اکرم 1998 میں بھارت سے آسٹریلیا منتقل ہوا، بھارتی میڈیا
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
15th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی حملہ: کسی بڑے انتہا پسند گروہ کے ملوث ہونے کے شواہد نہیں، آسٹریلوی وزیرِ اعظم
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ جانورن کي مخلتف بيمارين کان بچاءُ لاءِ ويڪسين لڳائي وئي
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو پوليس پاران هڪ ڦورو کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ڪينٽ ۾ ڊمپر جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪل سوار فوت، هڪ سخت زخمي
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مختيارڪار ڏوڪري طرفان ايڪسائيز پوليس سان گڏ ڊيوٽي فري سگريٽ وڪرو ڪندڙ دوڪاندارن خلاف ڪريڪ ڊائون
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
0 تبصرے