English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پاڪستان فشر فوڪ فورم طرفان ابراهيم حيدري ۾ احتجاجي لاءِ ريلي ڪڍي ويئي
122 views
|
15th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
موسمياتي ۽ مالياتي ھدف حاصل ڪرڻ لاءِ ھڪ نئين معاهدي ڪرڻ جي ضرورت آھي: فاطمه مجيد
ملير(عبدالرشيد مورجھريو) موسمياتي سیڙپڪاري ۽ معدني توانائي جي استعمال کي ختم ڪرڻ جو مطالبو.عالمي ماحولياتي ۽ مالياتي تبديلي ڪانفرنس جو ڌيان ڇڪائڻ پاڪستان فشر فوڪ فورم طرفان ابراهيم حيدري ۾ احتجاجي لاءِ ريلي ڪڍي ويئي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ ماھيگير عورتن ۽ مردن جي شرڪت ڪئي احتجاجي ريلي موٽاڻي جيٽي ابراهيم حيدريءَ کان شروع ٿي ڪراچي اليڪٽرڪ ڪارپوريشن جي پاور پلانٽ وٽ ختم ٿي ان ڪري قعي تي ريليءَ کي خطاب ڪندي ، فاطمه مجيد ، سينيئر وائيس چيئرپرسن ، پاڪستان فشر فوڪ فورم ، چيو ته اڄ سڄي دنيا جا نمائندا ، آذربائيجان جي شھر باڪوءَ ۾ COP29 موسمياتي تبديليءَ جي سربراهي اجلاس ۾ عالمي اڳواڻن تي زور ڀريو آھي ته هو نئين موسمياتي مالياتي هدف ۽ معدني توانائي کان ٻاهر هڪ قدم اڳتي وڌي ڪو حل پيش ڪن فراهم . ھن ڪانفرنس ۾ فشر فوڪ کان علاوه ھزارين ماڻھن جا مختلف پر اجتماعي ايڪشن ٿيا آھن جنھن ۾ مطالبا ڪيا ويا آهن موسمياتي مالياتي ھدف حاصل ڪرڻ ھڪ نئين معاهدي ڪرڻ جي ضرورت آھي، جيڪو ترقي پزير ملڪن کي مختلف قدمن جي ذريعي کربين ڊالر فنڊنگ ڪري ته جيئن اھي ملڪ توانائي جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪن.اسان جو مطالبو آھي تہ گھٽ ۾ گھٽ پنج ٽرلين ڊالر موسمياتي تبديليءَ جي بھتري لاءِ رکيا وڃن فاطمه مجيد وڌيڪ چيو ته موسمياتي تبديليءَ لاءِ فنڊ صرف حقيقي ترقي پزير ملڪن لاءِ ھجڻ گھرجي ۽ ان فنڊ جي ورھاست به منصفاڻي نموني ٿيڻ گھرجي.جيڪي واعدا ڪانفرنس آف پارٽيس اٺاويهه دوران ڪيا ويا ھئا انھن کي وڌيڪَ بھتر ڪرڻ لاء ڪانفرنس آف پارٽيس اوڻٽيھن ۾ پڻ ڪيا وڃن افسوس ته ھن مھل تائين موسمياتي تبديليءَ لاءِ جيڪا فنانسنگ ٿي آھي اھا صرف قرضن جي صورت ۾ ٿي سگھي آھي جنھن سان ترقي پزير ملڪ قرضن جي پريشاني ۾ مبتلا ٿيا آھن جڏھن ضرورت امداد جي فراهمي جي آھي قرضن جي نه آھي. اسان سؤ سيڪڙو امدادي فنڊ جو مطالبو ٿا ڪريون ته جيئن فيز وائيز ھن توانائي جي بحران دنيا نڪري وڃي. ان موقعي تي فشر فوڪ فورم جي انفارميشن سيڪريٽري ايوب شان چيو ته اسان کي فاسل فيول واري آلودگي ڦھلائڻ واري توانائيءَ جي پروجيڪٽس کي ختم ڪرڻو پوندو ۽ انھن کي ڏنل سبسڊي ختم ڪرڻ گھرجي ۽ عسڪريت پسندي وارن فنڊن کي ختم ڪري اميرن تي ٽيڪس لاڳو ڪري بين الاقوامي سطح تي ماحولياتي گدلاڻ ختم ڪرڻ لاءِ کربين ڊالر جمع ڪرڻ جي ضرورت آھي.فشر فوڪ فورم جي ڪراچيءَ ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري طالب ڪڇي خطاب ڪندي چيو ته بجليءَ جي وڌندڙ گھرج کي پورو ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۾ ڪوئلي تي بجلي ٺاهڻ جي منصوبن تي انحصار ڪيو پيو وڃي جنھن جي ڪري ملڪ جي ڌرتي وڌيڪَ گرم ٿي رھي آھي جنھن لاءِ اسان کي متبادل تلاش ڪرڻا پوندا جنھن ۾ سولر انرجي تي وڌيڪ توجھ ڏيڻ جي ضرورت آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
فاطمه مجيد
موسمياتي ۽ مالياتي
پاڪستان فشر فوڪ فورم
0 تبصرے