English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ 30 کان وڌيڪ آرا مشينن جي مالڪن پاران ٻيلي کاتي جي عملي خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو
230 views
|
11th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
آرا مشين مالڪن مشينن جي تالابندي ڪري جناح پارڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ شهر ۾ هلندڙ 30 کان وڌيڪَ ڪاٺين جا آرا، مشينن مالڪن پاران ٻيلي کاتي جي ناانصافين خلاف آرا ميشن بند ڪري جناح پارڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، انصاف جو مطالبو تفصيل موجب عمرڪوٽ ۾ آرا مشينن مالڪن پاران ٻيلي کاتي جي ناانصافين خلاف جناح پارڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعاريبازي ڪئي،ان کان پوءِ ڊي سي آفيس جي مک گيٺ آڏو ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو اسان سان انصاف ڪيو وڃي آرا مشينن ايسوسيشن جي ضلعي صدر علي کاڙت، عمران، اشوڪ ،ڪيلاش مالھي، اشوڪ ڪمار مالھي، ونود ڪمار، علي گل ٻٻر، صوبدار چانهيون، ڍولو ڀيل، شنڪر جٽيو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري احتجاجن طور پنهنجا آرا مشينون بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ ھنن صحافين اڳيان دانهيندي چيو تہ ٻيلي کاتي پاران جنهن وڻن جي واڍي جي سختي سان منع ڪيل آهي اسان انھن وڻن جي ڪاٺي خريد نٿا ڪريون پوءِ بہ بنا جواز نوٽيس ڏئي هيسائي تنگ ڪيو پيو وڃي، اسان زميندارن کان سُڪل وڻ وٺون ٿا ۽ ان مان ڪاٺيون ڪڍي وڪرو ڪيون ٿا ان جي باوجود ٻيلي کاتي جا عملدار آرا ميشنن تي اچي ڏنڊ هڻي تنگ پيا ڪن، ھنن چيو تہ شهر جون سموريون آرا ميشنون ٻيلي کاتي جي عملدارن جي ناانصافين خلاف احتجاجن بند ڪيون آهن جيستائين اسان جا جائز مطالبا حل نٿا ڪيا وڃن تيستائين آرا مشينن بند رهنديون،ان موقعي تي اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ۾ فوتڳي ٿيندي آهي ته اسين ان جي اڳني سنسار ڪرڻ لاءِ به ڪاٺـيون استعمال ڪيون وينديون آهن، جڏهن ته عمرڪوٽ شهر جي ڀرپاسي واري علائقن ۾ گئس جي سهولت نه هجڻ ۽ 30 کان وڌيڪ آرا مشينن جي بند ٿيڻ سبب شهرين، مٺائين جي دڪانن، هوٽلن، سميت گهرو رڌ پچاءُ لاءِ ڪاٺين جي کوٽ پيدا ٿيڻ جو خدشو ضعلي انتظاميا کي فورن نوٽس وٺي آرا مشينن مالڪن جا جائز مطالبا منظور ڪيا وڃن جئين شھرين کي ڪاٺي جي حوالي سان ڪا تڪليف نه ٿئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
آرا مشينن
0 تبصرے