English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ايس ٽي پي پاران ڪراچي ۾ رٿيل احتجاج 24 نومبر بدران 8 ڊسمبر تي ٿيندو: ڊاڪٽر قادر مگسي
219 views
|
19th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
20نومبر سڀاڻي سڪرنڊ بائي پاس تي لڳنڌڙ ڌرڻي جي تيارين تي اطمينان جو اظهار
حيدرآباد ( احسان ابڙو )سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ۾ پارٽي جي باڊي جو هنگامي اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ سنڌو درياءِ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف جاري احتجاجي تحريڪ جو جائزو ورتو ويو. 20 نومبر سڀاڻي سڪرنڊ بائي پاس تي لڳنڌڙ ڌرڻي جي تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ 24 نومبر تي ڪراچي ۾ رٿيل احتجاج جي تاريخ تبديل ڪري 8 ڊسمبر تي رکيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ايس ٽي پي پاران سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف جاري احتجاجي تحريڪ جي سلسلي ۾ 24 نومبر ڪراچي ڦوهارا چوڪ تي احتجاج هاڻي 8 ڊسمبر تي ٿيندو ڇاڪاڻ ته 24 نومبر تي پي ٽي آئي احتجاج جو سڏ ڏنو آهي. جيڪو هُن جي سياسي زندگي ۽ موت جي سوال تي ٻڌل آهي ته ان ڏينهن انديشو آهي ته پوليس ۽ پي ٽي آئي ڪارڪنن جي وچ ۾ چڪريون هلنديون رهنديون ۽ اسان نٿا چاهيون ته ٻن سياسي پارٽين جي ڪارڪنن جي وچ ۾ ٽڪراءُ وارو ماحول جُڙي انڪري 24 نومبر جي بدران هاڻي ڪراچي ۾ 8 ڊسمبر تي سنڌو درياءِ تي ڪئنال جوڙڻ واري منصوبي خلاف احتجاج ڪيو ويندو. جڏهن ته 24 تاريخ سڄي سنڌ ۾ ضلعن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. 27 نومبر تي مٺي ٿرپارڪر، 28 نومبر تي عمرڪوٽ، 29 نومبر تي سانگهڙ، 03 ڊسمبر تي جيڪب آباد، 4 ڊسمبر تي ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۽ 05 ڊسمبر تي شڪارپور ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي قيادت جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته سنڌو درياءِ سنڌ جي ملڪيت آهي ان سنڌين جو دائمي، آفاقي ۽ قانوني حق آهي ڪنهن کي به اها اجازت نه ڏني ويندي ته سنڌين کان سندن جيئڻ جو ذريعو کسي. هن چيو ته ماضي ۾ جئين جنرلن ۽ آمرن جي دور ۾ سنڌ سياسي جدوجھد ڪري سنڌو درياءِ کي بچايو آهي هاڻي به اها سياسي جدوجھد سان هنن حڪمرانن کي شڪست ڏيندي. هن سڀاڻي سڪرنڊ ۾ رٿيل ڌرڻي جي لاءِ عوام کي اپيل ڪئي ته هو 20 نومبر سڪرنڊ جي جلسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري حڪمرانن کي اهو پيغام ڏين ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي سنڌو درياءِ جا وارث آهن اهي سنڌو درياءِ خلاف ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. اجلاس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين حيدر شاھاڻي ، هوت خان گاڏهي، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ، قادر چنا، امتياز سمون ،ڊاڪٽر سومار مڱريو ،عاشق سولنگي، خدا بخش درس، ڊاڪٽر مظھر ميمڻ ۽ٻين پاران شرڪت ڪئي وئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊاڪٽر قادر مگسي
ايس ٽي پي
حيدرآباد
STP
qadir
Magsi
0 تبصرے