English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ سورج سجاولي پريس ڪلب جي سٿ پاران مچ ڪچهري ۽ راڳ رنگ جي محفل منعقد
33 views
|
29th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
مچ ڪچهري ۾ ايس ايس پي عبدالخالق پيرزادو، ڊي سي زاهد حسين رند، شاعرن، اديبن، سياسي سماجي ڌرين ۽ شهرين جي شرڪت
سجاول (گلشيرميربحر) سجاول ۾ سورج سجاولي پريس ڪلب جي سٿ پاران مچ ڪچهري، راڳ جي محفل، سجاول شهر جي پبلڪ پارڪ تي ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان مچ ڪچهري ٿي گذري جنهن ۾ ايس ايس پي سجاول عبدالخالق پيرزادو، ڊپٽي ڪمشنرسجاول زاهد حسين رند سميت شاعرن، اديبن سياسي سماجي اڳواڻن صحافين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مچ ڪچهري کي ثقافتي رنگن سان سينگاريو ويو آيل مهمانن کي اجرن ۽ لنگين جا تحفا ڏناويا ان موقعي تي مچ ڪچهري ۾ ايس ايس پي سجاول عبدالخالق پيرزادو، ڊپٽي ڪمشنر سجاول زاهدحسين رند، شاعرايازامرشيخ، وڪيل لياقت جماري، دائود امر ميمڻ، بشيرسرويچ، سورج سجاولي پريس جو صدر اسماعيل سرويچ، سيف الله جوڻيجو، ساگرسليم کوسو،گلشير ميربحر. فقيراسماعيل. نجيب سرويچ، منظور ميمڻ، شبيرسمون، عبدالغفار ٻارڻ، هندو پنچائت جو صدر ڊاڪٽر هوت چند ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ انتها پسندي جي ڪابه گنجائش نه آهي سنڌ امن جي ڌرتي آهي سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي جنهن پيار ۽ امن جو پيغام ڏنو، هنن چيو ته اسان کي پنهنجي ثقافت تي ناز آهي اسان سنڌي پنهنجي روايتين جا امين رهيا آهيون ۽ دنيا کي ٻڌائينداسون ته سنڌي قوم عظيم تهذيب رکندڙ عظيم قوم آهي ۽ هڪ آهي. محفل موسيقي ۾ سنڌ جا نالي وارن صوفي فنڪارن رفيق فقير، اسلم فقير، نورحسن ناز، خداڏنو، فائزه ماروي، ذوالفقار راهي، آرين ڪمار، مصرور احمد، سڄڻ سرائي، حيدرجتوئي ۽ ٻين قومي گيت ڳائي محفل کي جهومائي ڇڏيو. ان موقعي تي صحافي ملڪ صديق ملاح، علي نواز ڀرڳڙي، امتياز ميمڻ، احسان کتري. جاني جوڳي، صديق آرائين، مصطفيٰ ميمڻ، ڊاڪٽر غلام نبي ميمڻ، ماڌوداس.جن پڻ مچ ڪچهري ۾ شرڪت ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سجاول
سورج سجاولي
راڳ جي محفل
0 تبصرے