English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي سکيا ڳوٺ ۾ ثقافتي پروگرام، قومي گيتن تي رقص، سنڌ ڌرتي سان وفا جو عزم
views
|
29th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ ڌرتي اسان جي امڙ آهي، سنڌو دريا مان ڪئنال ڪڍڻ نه ڏينداسين: سياسي سماجي اڳواڻ
ڪراچي (اعجاز چانڊيو) سنڌ جي عظيم تهذيب کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء ڪراچي جي علائقي سکيا ڳوٺ ۾ ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان ايسٽ نيشنل پريس ڪلب پاران عائشه پبلڪ اسڪول ۾ تقريب منقعد ڪئي وئي جنهن ۾ سياسي سماجي شخصيتن قومپرست اڳواڻن وڪيل برادري سان گڏ صحافين ۽ علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري پنهنجي ڌرتي ۽ ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيو جڏهن ته قومي گيتن تي ٻارڙن ٽيبلو پيش ڪري جهمريون هنيون ايسٽ نيشنل پريس ڪلب پاران سنڌو تي ڪينال نامنظور جي سري هيٺ منقعد ڪيل ثقافتي پروگرام ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن سنڌ جي نائب صدر غلام سرور تنيو ايس اين پي جي سينئير وائيس چيئرمين رمضان بليدي ايڊووڪيٽ آصف علي ٻرڙو ايڊوڪيٽ زيب ٻرڙو سماجي اڳواڻ نياز حسين راڄپر ايسٽ نيشنل پريس ڪلب جي صدر نذير راڄپر ۔ جلال الدين شاهاڻي سينير صحافي بالاڇ شاهاڻي انور مگسي گڏاپ پريس ڪلب جي سرواڻ مير علي گوهر بلوچ گڏاپ نيشنل پريس ڪلب جي نبي بخش خاصخيلي اعجاز چانڊيو انڊس پريس ڪلب جي اصغر بروهي ويسٽ پريس ڪلب جي ڊاڪٽر عبدالحليم ميمڻ روزاني سماعت اخبار ايڊيٽر منير لاشاري علي بخش ڊومڪي رحيم بخش پتافي ثناءالله ڪاڪڙ شهباز راڄپر ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندين چيو ته سنڌ جي ثقافت تاريخ ۽ تهذيب هزارين سال پراڻي آهي اسان پنهنجي ڌرتي ۽ ثقافت سان پيار ڪيون ٿا هنن چيو ته سنڌو تي ڪو به ڪينال ٺاهڻ نه ڏينداسين سنڌ اسان جي ماء آهي وفاق ڏاڍ مڙسي جي زور تي سنڌو جي وسيلن تي قبضو ڪري رهيو آهي هنن چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي اسان کي پنهنجي ثقافت تي فخر آهي باشعور قومون پنهنجي ثقافت جا ڏهاڙا وڏي ڌام ڌوم سان ملهائينديون آهن انشاءالله پهرين ڊسمبر تي سنڌي ميڊيا جي مرڪزي سڏ تي ڪراچي ۾ لکين ڌرتي ڌڻي گڏ ٿي پنهنجي ڌرتي ثقافت سان محبت جو اظهار ڪري سنڌ دشمن منصوبن رد ڪرڻ جو اعلان ڪندا تقريب ۾ آيل مهمانن کي ٽوپي ۽ اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2025
•
سندھ
بی جی سی گروپ کے سی ای او سید امتیاز الحق بخاری کا آباد کے چیمبر کا دورہ
30th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برساتي پاڻي کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن..!!
29th Jun 2025
•
پاکستان
فیصل آباد : اوباش لڑکے نے چھیڑ خانی سے منع کرنے پر لڑکی پر فائرنگ کر کے قتل کرديا
29th Jun 2025
•
پاکستان
فیصل آباد میں بدبخت بیٹے کی فائرنگ سے ماں جاں بحق ہو گئی، باپ اور بھائی زخمی، ملزم گرفتار
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
سڳيون ڀرسان ساهرن پاران نوجوان ناري کي مبينا طور باهه ڏئي ساڙڻ خلاف احتجاج
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ بيس پرائيز اسسمينٽ ڪميٽي جو اجلاس
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو جي صدارت هيٺ اجلاس
30th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ بدامني تي ضابطو نه آيو، عوامي ڪيمپ آفيس مان چوٿون ڀيرو چوري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي سکيا ڳوٺ
ڪراچي
عظيم تهذيب
0 تبصرے