English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ميرپور ساڪرو ۾ سيد شفقت شاهه شيرازي، رياض شاهه شيرازي ۽ ٻين جي مان ۾ آجياڻو
39 views
|
02nd Dec 2024
•
سنڌي خبرون
ملاح اڳواڻ عبدالڪريم الھبخش ميراڻي پاران شيرازي ڀائرن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو
ٺٽو(شفيق ڀٽي) ميرپور ساڪرو جي ميراڻي برادري جي معزز ملاح اڳواڻ عبدالڪريم الھبخش ميراڻي پاران شيرازي ڀائرن اڳوڻي ضلعي ناظم سيّد شفقت حُسين شاھ شيرازي، صوبائي وزير سيّد رياض حُسين شاھ شيرازي، اڳوڻي ايم پي اي سيّد امتياز حُسين شاھ شيرازي، اڳوڻي ايم پي اي سيد امير حيدر شاھ شيرازي، سيّد اظھار حسين شاھ شيرازي، سيّد غلام حسن شاھ شيرازي جي مان ۾ اجياڻو ڏنو ويو، جنھن ۾ حاجي محمد حنيف ميمڻ، ميونسپل ڪميٽي ٺٽي جي چيئرمين ادا محمد ميمڻ سميت ملاح، ميراڻين سان گڏ مختلف برادرين جي معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جتي عبدالڪريم الھبخش ميراڻي پاران آيل مھمانن جو مانائتو استقبال ڪري کين سنڌي پٽڪا بڌائڻ سان گڏ کين لونگين ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا، ان موقعي تي اجياڻي تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاھ شيرازي، صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي، اڳوڻي ايم پي اي سيد امتياز شاھ شيرازي ۽ اڳوڻي ايم پي اي سيد امير حيدر شاھ شيرازي چيو تہ اسان عبدالڪريم الھبخش ميراڻي جا تھ دل سان شڪر گذار آھيون، جنھن اسانکي ھيڏو سارو مان ڏنو اھي، ھنن چيو تہ عبدالڪريم ميراڻي جو والد مرحوم الھبخش ميراڻي اسانجي ويجھن ساٿين ۾ شامل ھو، جيڪو ھن وقت اسانجي وچ ۾ موجود ناھي رھيو، جنھن جي الله پاڪ مغفرت فرمائي. ھنن چيو تہ عوام ئي اسانجي طاقت جو سرچشمو آھي، جنھن ڪري اسان ھر وقت ڪھڙو بہ وقت ھجي اسان پنھنجي عوام سان گڏ ھوندا آھيون. ھنن چيو تہ موجودہ دور مھنگائي ڪري غريب عوام لاء ڏکيو ٿي پيو آھي، پر پ پ پ جي سنڌ حڪومت عوامي مسئلا حل ڪرڻ ۾ مصروف بڻيل آھي، ھنن چيو تہ اسان عوام جا ڪافي مسئلا بنا ڪنھن فرق جي حل ڪيا آھن، رھيل مسئلا بہ حل ڪري عوام کي روزگار سميت کين بنيادي سھولتون مھيا ڪري ترقياتي ڪمن جو بہ ڄار وڇايو ويندو. ن موقعي تي عبدالڪريم الھبخش ميراڻي آيل سمورن مھمانن جو تھ دل سان شڪريو ادا ڪندي چيو تہ جڏھن سندس والد مرحوم الھبخش ميراڻي ھيو تہ ھو بہ شيرازي ڀائرن کي اھڙي طريقي سان آجياڻا ڏيئي ساڻن پنھنجي محبت ۽ يڪجھتي جو اظھار ڪندو ھو، اسان بہ انھن جي نقش قدم تي ھلندي ان روايت کي برقرار رکيو آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
شيرازي ڀائرن
0 تبصرے