English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جيڪب آباد ۾ ايس ٽي پي پاران سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو
views
|
03rd Dec 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي عوام جي پيٽ ۾ ڇرو هنيو ويو، سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ نه ڏينداسين: اڳواڻ
جيڪب آباد(رپورٽر) سنڌو تي ڌاڙو نامنظور سنڌ ترقي پسند پارٽي جيڪب آباد پاران مرڪزي سڏ تي سنڌوءَ مٿان غير قانوني ڪئنالن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ريلي ڪڊي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھنيو ويو احتجاجي ريلي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين حيدر شاهاڻي، مرڪزي جنرل سيڪريٽري هوت خان گاڏهي پاران شرڪت ڪئي وئي جڏھن ته شڪارپور ڊويزن جي اڳواڻن توڙي مقامي قيادت وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي شڪارپور کان ايس ٽي پي اڳواڻ ڪامريڊ احسان جيھو پاران ساٿين سميت شرڪت ڪئي وئي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو حيدر شاهاڻي، هوت خان گاڏهي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي هميشه اقتدار خاطر سنڌ جي عوام جي پيٽ ۾ ڇرو هنيو آهي جنهن عوام جي ڪري انهن کي وڏ وزارت ۽ ايوان صدر مليو آهي پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ۾ فرق ناهي رهيو پيپلزپارٽي اڳ ايم ڪيو ايم سان گڏجي سنڌ ورهائڻ جي سازش ڪئي سنڌ جي عوام اٿ کڙي ٿي آهي 8 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ گورنر هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو اسان پنجاب جا رستا عارضي طور ڌرڻا هڻي بند ڪيا آهن اگر 6 ڪئنالن وارو فيصلو واپس نه ورتو ته مڪمل ڦيٿاروڪ ڪري پنجاب طرف ايندڙ ويندڙ رستا بند ڪيا ويندا جلسي کي ڊويزنل اڳواڻ عبدالرزاق لاشاري عبدالستار جاگيراڻي مجيد سرڪي نظام مستوئي عبدالنبي مگسي سميت ٻين خطاب ڪيو جڏھن ته شڪارپور مان ايس ٽي پي اڳواڻ ڪامريڊ احسان جيھو ساٿين سميت شرڪت ڪئي وئي ، احتجاجي ريلي ۾ شھرين ايس ٽي پي ڪارڪنن پاران وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي وئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jun 2025
•
سندھ
کراچی، تاجر کے گھر میں بڑی ڈکیتی کرنے والی ٹک ٹاکر بہن اور بھائیوں سمیت گرفتار
27th Jun 2025
•
تازہ ترین
اسرائیلی خفیہ ایجنسیوں سے روابط کے الزام میں ایران میں پھانسیاں اور گرفتاریاں
27th Jun 2025
•
پاکستان
پی ٹی آئی میں اختلافات، جنید اکبر اور اسد قیصر نے پارٹی پالیسیوں سے لاتعلقی کا اعلان کر دیا
27th Jun 2025
•
شوبز
شادی اردو بولنے والے خاندان میں ہوئی ہے، پنجابی میں صرف گالیاں دینا آتا ہے: زارا نور عباس
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ضلعي ۾ وسڪاري ۽ مٽيءَ جي طوفان تباهي مچائي ڇڏي، زندگيءَ جو نظام درهم برهم
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري جي ڳوٺ پونا ڀيل ۾ وڄ ڪرڻ سبب نينگري فوت
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ وسڪاري دوران خوفزده ٿيل نوجوان فوت، پنج پلي وٽان لاش هٿ
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: اسٽيل ٽائون پوليس جي ڪارروائي، ڊسٽرڪٽ جيل مان فرار ٿيل قيدي گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدر شاهاڻي
جيڪب آباد
سنڌ ترقي پسند پارٽي
0 تبصرے