English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئر ڊپارٽمينٽ پاران منعقد راندين جا مقابلا پڄاڻي تقريب منعقد
215 views
|
04th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
راندين جا روزمرهه جي زندگي تي گهرا اثر پون ٿا: ڊي سي محمد ارسلان سليم
نوشهرو فيروز (اسپورٽس نيوز)ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئر ڊپارٽمينٽ پاران ضلعي گيمز 2024 جي اختتامي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. هن راندين ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن ۾ ٽرافيون، ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا. ڊسٽرڪٽ گيمز 2024 جي اختتامي تقريب گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج نوشهروفيروز ۾ ٿي. تقريب ۾ ضلعي اسپورٽس آفيسر نوشهروفيروز شهباز خان عباسي، استاد رفيق احمد خانزاده، ڊاڪٽر عبدالقادر ميمڻ ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي محرابپور، ڪنڊيارو، ٺارو شاهه، نوشهروفيروز جي مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن جي ٽيمن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ڪرڪيٽ، والي بال، ڪراٽي ۽ ٻين راندين ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ٽيمن کي گولڊ، سلور ميڊل ۽ ٽرافيون ڏنيون ويون. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته راندين جا اسان جي روزمرهه جي زندگي تي گهرا اثر پون ٿا پر اسان راندين جي اهميت کي سمجهڻ کان رهجي ويا آهيون. اڄ هن گرائونڊ ۾ نوجوانن جي ايتري وڏي تعداد ۾ موجود ڏسي مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ۽ ڪوشش ڪنداسين ته مستقبل ۾ به اهڙا مقابلا منعقد ڪرايون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊي سي محمد ارسلان سليم
نوشهروفيروز
اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئر
0 تبصرے