English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پنجاب ڏيڍ صدي کان پاڻي جي سلسلي ۾ سنڌ سان ويساھ گهاتي ڪندو پيو اچي: اياز لطيف پليجو
views
|
13th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياھ تي ڪو بہ ڪئنال ۽ ڊيم قبول ناھي، وفاقي حڪومت ھوش کان ڪم وٺي
حيدرآباد (بيورور) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ پنجاب ڏيڍ صدي کان پاڻي جي سلسلي ۾ سنڌ سان ويساھ گهاتي ڪري رھيو آھي. انڪري سنڌو درياھ تي ڪو بہ ڪئنال ۽ ڊيم قبول ناھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاقي حڪومت ھوش کان ڪم وٺي. سنڌي ماڻھن کي ديوار سان نہ لڳايو وڃي.حڪومت جيڪڏھن سمجھي ٿي تہ پيپلز پارٽي کي ڪرپشن جي اجازت ڏئي اھي سنڌو درياھ، سنڌ جو پاڻي، وسيلا کڻي ويندا. حڪمران سمجھن ٿا تہ سنڌي ماڻھو خاموش رھندا تہ اھا انھن جي ڀل آھي. سنڌي ماڻھو خاموش تماشائي نہ رھندا. سنڌي ماڻھو پنھنجي حقن ۽ وسيلن لاءِ اٿندا تہ حڪمرانن جا رستا بند ٿي ويندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ سنڌ جو ساھ آھي، سنڌو درياھ ھزارين سالن جي تھذيب جو اھڃاڻ آھي. سنڌو درياھ سنڌ جي زندگي آھي. حڪمرانن کي سمجھڻ گھرجي تہ انڊس رور سسٽم ۾ ملڪ جي ضرورت جيترو پاڻي ناھي، جنھنڪري ڪو بہ ڪئنال ۽ ڊيم ملڪ ۽ سنڌ جي مفاد ۾ ناھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، جيڪڏھن ڊيم ٺھي ويا تہ سنڌ تباھ ٿي ويندي. سنڌ جي زرعي معيشت تباھ ٿي ويندي. سنڌ جي ماڻھن کي غسل ڏيڻ جيترو بہ پاڻي نہ ملندو.اياز لطيف پليجي چيو تہ چار سئو ڪلوميٽر ساحلي پٽي واري سنڌ بيروزگاري سبب بدحال آھي. ملڪ جي ترقي جي نالي ۾ سنڌ کي بنجر نہ ڪيو وڃي. گرين پاڪستان منصوبو بنجر سنڌ منصوبو آھي. 6 ڪئنال سنڌ کي ڀڙڀانگ بنائي ڇڏيندا. حڪمرانن سنڌ جي دولت ۽ وسيلا ڏئي اقتدار خريد ڪيو آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
اياز لطيف پليجي
اياز لطيف پليجو
QAT
0 تبصرے