English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قائداعظم نيشنل ويٽ لفٽنگ چيمپئن شپ 2024 لاھور ۽ بين الصوبائي گيمز اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندي
47 views
|
05th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي ويٽ لفٽنگ ٽيم صوبائي ڪوچ ۽ ٽيڪنيڪل آفيسر استاد عبدالوهاب ڪاغذي جي قيادت ۾ مقابلي ۾ شرڪت لاءِ تيار
شڪارپور (احسان ابڙو) قائداعظم نيشنل ويٽ لفٽنگ چيمپئن شپ 2024 لاھور ۽ بين الصوبائي گيمز اسلام آباد ۾ منعقد ٿي رھيا آھن پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي تعاون سان قائداعظم نيشنل ويٽ لفٽنگ چيمپئن شپ 2024 جا مقابلا 6 ڊسمبر 2024 کان 9 ڊسمبر 2024 تائين لاهور ۾ منعقد ٿي رهيا آهن. ان کان پوءِ، بين الصوبائي گيمز 11 ڊسمبر 2024 کان 16 ڊسمبر 2024 تائين اسلام آباد ۾ منعقد ڪيا ويندا. ھن موقعي تي سنڌ جي ويٽ لفٽنگ ٽيم صوبائي ڪوچ ۽ ٽيڪنيڪل آفيسر استاد عبدالوهاب ڪاغذي جي قيادت ۾ مقابلي ۾ شرڪت لاءِ تيار آهي. ٽيم ۾ شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جا نوجوان ويٽ لفٽر رانديگر شامل آهن، جن ۾ شڪارپور مان فيصل علي ڀٽو ،اسرار علي سومرو ، شير علي هڪڙو ، زين علي مبين هڪڙو، شاھجھان ڀٽو ، سائل حسنين ڀٽو ، لاڙڪاڻي مان. سهيل احمد بروهي جي ٽيم لاهور ڏانهن رواني ٿي چڪي آهي، جتي اهي سنڌ ۽ خاص طور شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جي نمائندگي ڪندا. ٽيم جي لاءِ شڪارپور جي عوام، دوستن، ۽ شهر واسين کان دعا جي درخواست آهي ته اهي پنهنجن صلاحيتن ۽ محنت سان ڪاميابي ماڻين ۽ سنڌ صوبي، لاڙڪاڻي ڊويزن، ۽ شڪارپور ضلعي جو نالو روشن ڪن. اسان کي يقين آهي ته اهي نوجوان رانديگر پنهنجي عزم، محنت، ۽ ٽيم جي گڏيل ڪوششن سان ڪامياب ٿيندا ۽ ملڪ جي سطح تي پنهنجي قابليت جو مظاهرو ڪندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
15th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی حملہ: کسی بڑے انتہا پسند گروہ کے ملوث ہونے کے شواہد نہیں، آسٹریلوی وزیرِ اعظم
15th Dec 2025
•
تازہ ترین
وزارت کو جوتے کی نوک پر رکھتا ہوں، کراچی چلے گا تو پاکستان چلے گا: مصطفیٰ کمال
15th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور: پي ايس 9 تي ضمني چونڊ ۾ پ پ اميدوار آغا شهباز دراني ڪامياب قرار
15th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو پوليس جو جوا جي اڏي تي ڇاپو، 4 جواباز گرفتار
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
قائداعظم نيشنل ويٽ لفٽنگ
0 تبصرے