English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجي پاران ڪنگري ڀرسان خوني تڪرار ۾ 5ڄڻن جي قتل تي ڏک جو اظهار
views
|
25th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت چاھي ٿي ته سنڌ ۾ قبيلائي رتوڇاڻ ھجي، ڌاڙيلن جو راڄ ھجي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪنگري ڀرسان خوني تڪرار ۾ پنج ماڻھو قتل ٿيڻ واري واقعي تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪندي سنڌ حڪومت کي واقعي جو ذميوار قرار ڏنو آھي. اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ پ پ حڪومت چاھي ٿي تہ سنڌ ۾ قبيلائي رتوڇاڻ ھجي، ڌاڙيلن جو راڄ ھجي، لاقانونيت ھجي، جھالت ھجي، عوام يرغمال ھجي، دھشت واري ماحول ۾ ماڻھو خاموش ۽ قيد ھجن. جمھوريت تي راتاھا ھڻي قائم ڪيل آمريتي دورن ۾ سنڌ کي يرغمال ڪري ائين وسيلن تي ڌاڙا ھنيا ويا، پ پ حڪومت انھن آمريتي پاليسين کي جاري رکيو آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ھزارين اسڪول بند پيل آھي. تعليم ناھي. ٻئي طرف حڪمران سنڌو درياھ سميت سنڌ جا وسيلا وڪڻي ڇڏيا آھن، درياھ کپائي اقتدار خريد ڪيو. ڪرپشن کي روڪڻ وارو ڪو بہ ناھي. سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ درجنين خوني تڪرار آھن. ڏوھارين وٽ خطرناڪ ھٿيار موجود آھن. اھي ھٿيار حڪمران وڏيرن ۽ وزيرن معرفت پھچن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ پوليس آزاد ناھي. مرضي جا ايس ايس پي، ڊي ايس پيز ۽ ايس ايچ اوز مقرر ڪري انھن کي ذاتي مفادن ۽ مخالفن کان انتقام لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. باقي انتظاميه کي بہ ائين غلام ڪري ھلايو وڃي ٿو، جنھنڪري سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني ناھي. سنڌ ۾ جيڪو جيترو طاقتور آھي، اھو ايترو ئي ظالم، جابر ۽ عوام دشمن آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پ پ حڪومت چاھي ھا تہ سنڌ ۾ قانون ۽ انصاف جي حڪمراني قائم ٿي وڃي ھا پر افسوس آھي جو اقتدار جي 17 سالن ۾ سنڌ اھو حشر ڪيو ويو آھي جيڪو ضيا ۽ مشرف بہ نہ ڪري سگھيا.اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪنگري ڀرسان پنج ماڻھن جي قتل جا ذميوار گرفتار ڪيا وڃن. متاثرن کي تحفظ ڏنو وڃي تہ جيئن ٻيا ماڻھو قتل نہ ٿين. قانون ۽ انصاف جي حڪمراني قائم ڪئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے