English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
خراب معاشي پاليسين جي ڪري سنڌ ۾ بک، بدحالي، بيروزگاري وڌي وئي آھي: اياز لطيف پليجو
views
|
25th Apr 2023
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ساحلي پٽي واري علائقي ۾ رورل هيلٿ سينٽر ٻگھاڻ ۾ هڪ مهيني دوران آپگھات جا 39 ڪيس رپوٽ ٿيا آهن
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي سنڌ ۾ وڌندڙ خودڪشي جي واقعن تي گھري ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪندي چيو آھي تہ خراب معاشي پاليسين جي ڪري سنڌ ۾ بک، بدحالي، بيروزگاري وڌي وئي آھي. زرعي تباھي جي ڪري غربت انتھا تي پھچي وئي آھي.بدحال حالتن جو شڪار ماڻھو، غربت جي انتھائي لڪير کان ھيٺ جيئندڙ ماڻھو خودڪشين ۾ نجات ڳولي رھيا آھن. عيد ڏهاڙن دوران سنڌ ۾ تمام گھڻا خودڪشين جا واقعا ٿيا آھن. ٺٽي ساحلي پٽي واري علائقي ۾ رورل هيلٿ سينٽر ٻگھاڻ ۾ هڪ مهيني دوران آپگھات جا 39 ڪيس رپوٽ ٿيا آهن. عيد دوران ٽن عورتون زھر پيئڻ ڪري فوت ٿيون. حڪمران انھن موتن جا ذميوار آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ آئين ناھي تہ سنڌ وٽ ڪي بہ وسيلا ناھن. ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ قدرتي وسيلا سنڌ وٽ آھن. سنڌ جيتري خوشحال آھن، ان کان وڌيڪ حڪمرانن سنڌ کي بدحال بنايو آھن. سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت وٽ سنڌ جي ترقي جو ڪو پروگرام ناھي. پيپلز پارٽي حڪومت چاھي تہ سنڌي ماڻھن کي انڪم سپورٽ جي پروگرام جي نالي تي رڳو پنايو وڃي. ڪا بہ نئين انڊسٽري ناھي. ڪو بہ نيوي صنعتي ادارن ناھي. روزگار جا ڪي وسيلا ناھن. سرڪاري نوڪريون رشوت ۽ سفارش کانسواءِ ناھن. ڪرپشن جو راڄ آھي. سپاھي، تپيدار ۽ پٽيوالي کان وٺي ھر ڪرسي تي مقرري لاءِ اگھ مقرر آھن. جيڪو جيترا گھڻا پئسا ڏوندو، ضلعا ۽ شھر انھن جي حوالي ھوندا. انڪري سنڌ ۾ شفافيت ناھي. ڪرپشن، بدعنواني ۽ لاقانونيت جو راڄ آھي. زرعي تباھي جي ڪري ننڍا آبادگار ۽ ھاري ڪنگال ٿي ويا آھن. ٻوڏ اچي ٿي تڏھن بہ سنڌ کي نقصان ۽ پاڻي کوٽ ۾ بہ سنڌ کي شڪار بنايو وڃي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ جيڪا حالت سنڌ سان ڪئي وئي آھي. سنڌ کي اڻڪيل ڏوھ جي سزا ڏني پئي وڃي. ھي خودڪشيون نہ پر قتل آھن. حڪمران انھن قتلن جا ذميوار آھن. زندگي جي انت جو فيصلو انتھائي فيصلو آھي. سڀ رستا بند ڏسي ماڻھو اھڙا فيصلا ڪري ٿو. ٻچن کي بکيو ۽ بدحال ڏسي ماڻھو موت جي قبولين ٿا. ناانصافي، جبر کان تنگ ٿي ماڻھو پاڻ کي مارين ٿا. اٽي، لٽي ۽ اجھي جو نعرو ھڻي ماڻھن سان غداري ڪئي وئي آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
خودڪشي
0 تبصرے