English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ قدرتي آفتن سان منهن ڏيڻ جي حوالي سان هڪ ڏينهن وارو تربيتي پروگرام منعقد
views
|
29th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
موسمياتي تبديليون ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مقامي سطح تي حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي: مقرر
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) مينيجمينٽ ڊيولپمينٽ فائونڊيشن (ايم ڊي ايف) پاڪستان پوورٽي ايلويئيشن فنڊ (پي پي اي ايف) جي سوشل سروسز ۽ ڪلائيميٽ ريزيلينس پروجيڪٽ تحت عمرڪوٽ آفيس ۾ هڪ ڏينهن جي قدرتي آفتن کان نمٽڻ لاءِ ڪميونٽيز جي تنظيمون لاءِ ڊيزاسٽر رسڪ مينيجمينٽ تي ٻڌل تربيت جي استعداد ڪار وڌائڻ جو تربيت پروگرام ڪاميابي سان منعقد ڪيو، ان موقعي تي پروجيڪٽ مينجر ٽرينر ايم ڊي ايف عالمگير بلال چيو تہ هتي تربيت حاصل ڪرڻ واريون تنظيمون پنهنجي علائقن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏينديون، پي پي اي ايف ۽ ايم ڊي ايف هن سلسلي ۾ يونين ڪائونسل کيجراڙي جي ماڻهن جي ڀرپور تربيت ڪري رهيون آهن ته جيئن موسمياتي تبديليون ۽ قدرتي آفات کي منهن ڏيڻ لاءِ مقامي سطح تي حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي، تفصيل موجب هڪ ڏينهن جي تربيت جو مقصد ڪميونٽي جي تنظيمون کي ڊيزاسٽر رسڪ مينيجمينٽ تي اهڙي طرح قابليت حاصل ڪرڻ آهي ته اهي ڪميونٽي ۾ وڃي پنهنجي ماڻهن جي رهنمائي ڪري سگهن، هن تربيت جي نشست ۾ شريڪ ماڻھن چيو ته اسان هتي انتهائي فائديمند معلومات حاصل ڪئي ۽ خاص طور تي ضلعي عمرڪوٽ جي پسماندہ علائقن جي مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ نمايان ڪوششن تي زور ڏنو ويو، تقريب دوران شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا ۽ عزم ڪيو ويو ته نوجوان مرد ۽ عورتون سڀ گڏجي پنهنجي برادرين جي ترقي ۽ تعمير لاءِ ڪم ڪندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
ايم ڊي ايف
پي پي اي ايف
0 تبصرے