English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: ترڪي ڪالوني ۾ نينگري سان مبينا زيادتي، وارثن جو جوابدار جي گرفتاري لاءِ احتجاج
197 views
|
29th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
ياسين پٽ غلام مصطفيٰ 7 ورهين جي نياڻي کي يرغمال بڻائي هٿ پير ٻڌي ساڻس زيادتي ڪئي: نينگري جا وارث
ٺٽو( شفيق ڀٽي)گذريل ڏينھن غلام اللہ روڊ لڳ ترڪي ڪالوني ۾ 7 سالن جي معصوم نياڻي سان مبينا زيادتي جو واقعو پيش آيو، نينگري جي وارثن موجب ياسين ولد غلام مصطفىٰ اگيم رھندڙ ناريجہ ڳوٺ مڪلي نياڻي کي راند کيڏڻ بهاني ڪوارٽر ۾ وٺي وڃي هٿ پير ٻڌي ساڻس زنا ڪئي، جنهن بعد سندس حالت خراب ٿيڻ بعد اتان فرار ٿي ويو، نياڻي جي رڙين تي محلي وارا گڏ ٿي ويا ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو جنھن بعد پوليس کيس سول اسپتال مڪلي ۾ علاج بعد وارثن حوالي ڪيو، متاثر نينگري جي وارثن سيشن ڪورٽ مڪلي ۾ جج اڳيان دانھن ڏيندي انصاف جو مطالبو ڪيو جنھن تي جج پاران مڪلي پوليس ۽ ڪورٽ سڳوري جي ريڊر کي زنا واري جڳھ موڪلي ثبوت ھٿ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا جنھن بعد پوليس ۽ ڪورٽ جي عملي متاثرہ نياڻي جا رت وارا ڪپڙا ۽ رسيون ھٿ ڪرڻ بعد سول اسپتال مان ابتدائي رپورٽ پڻ ھٿ ڪري جج اڳيان پيش ڪئي جنھن ۾ زوري زنا بابت واضع لکيو ويو ھو جنھن تي جج صاحب مڪلي پوليس کي جوابدار کي فوري گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو آرڊر جاري ڪيو، نينگري جي وارثن الزام لڳايو ته مڪلي پوليس پنھنجو روايتي انداز برقرار رکندي مُک جوابدار ياسين اگيم کي فرار ڪرائي انجي چاچي ۽ مامي کي گرفتار ڪري ڪيس کي ٻورڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي، نينگري جي امڙ زاھدہ خاصخيلي صحافين اڳيان دائيھندي چيو تہ اسين غريب آيون آئون مڪلي ۾ ماڻھن جي گھرن ۾ ڪم ڪري پنھنجي ٻچرن جو پيٽ پاليندي آھيان، منھنجي نياڻي جي زندگي برباد ڪندڙ جوابدار جا مائٽ مون غريب مٿان پريشر وجي دھمڪائي رھيا آھن تہ ڪيس تان ھٿ کڻان نہ تہ مونکي ۽ منھنجي نياڻي کي ماري ڇڏيندا جڏھن تہ ايس ايڇ او مڪلي ڪورٽ سڳھوري جي حڪمن باوجود مُک جوابدار کي گرفتار نٿو ڪري ۽ مونکي بار بار ٿاڻي جا چڪر ڪاٽائي رھيو آھي، ھن آئي جي سنڌھ، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪندي چيو آھي تہ مُک جوابدار ياسين اگيم کي گرفتار ڪري مونکي ۽ منھنجي نياڻي سان انصاف ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
ترڪي ڪالوني
مبينا زيادتي
0 تبصرے