English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ سماجي اداري پيني اپيل طرفان يونيسيف ۽ لوڪل گورنمينٽ جي سهڪارسان تقريب منعقد
views
|
24th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ سماجي اداري پيني اپيل طرفان يونيسيف ۽ لوڪل گورنمينٽ جي سهڪارسان ٻھراڙي واري علائقن کي کلي ڪاڪوس کان پاڪ ڪرڻ ۽ هٿن ڌوئڻ جا رواج عام ڪرڻ لاءِ تقريب منعقد ڪئي وئي.ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي پروجيڪٽ مينيجرو حيدر علي جتوئي چيو ته سجاول ضلعي جي ٻھراڙي واري علائقن کي کلي ڪاڪوس کان پاڪ ڪرڻ ۽ هٿن ڌوئڻ جا رواج عام ڪرڻ لاء سکيا ڏئي رهيا آهيون ته جيئن بندري پڻ ۽ غذائي قلت جي بيماري کان بچاءُ ممڪن ٿي سگهي. هن چيو ته کلي ميدان ۾ ڪاڪوس ڪرڻ سان ڪيتريون ئي بيماريون جنم وٺن ٿيون جنهن ۾ ڊائيريا، پوليو، ڪاري سائي ۽ بندري پڻ هجڻ شامل آھن. اسان کي پنهنجي گهراڳيان گندگي پهلائڻ نه گهرجي گهر جي ماحول کي بلڪل صاف سٿرو رکڻ گهرجي، کاڌو کائڻ کان پهرين هٿن کي چڱي طرح صابڻ سان ڌوئڻ ضروري آهي.پيني اپيل ۽ يونيسيف طرفان ڪاڪوس ڪرڻ کي روڪڻ واري عمل جي مُڪمل ٿيڻ تي سجاول ضلع جي 75 ڳوٺن کي اوپن ڊيفيڪيشن فري (ODF) جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو. تقريب ۾ پيني اپيل جو ڪنٽري ڊائريڪٽر عمران ملڪ، پروگرام مينيجر اشفاق احمد، اسسٽنٽ ڪمشنر سجاول وليد ڏاوچ، ڊي اي او سيڪنڊري پيار علي خواجا، ٽي اي او اشرف شاعر، ۽ يو سي سيڪريٽري سليم ميمڻ ان کان علاوهک امداد حسين خواجا، رب ڏنو جت، مجيد عالماڻي، اڪبر ڪوريجو، ۽ ميڊيا نمائندا سليم ملاح، جاني جوگي، ۽ ڪي بي ملاح ۽ ٻين شرڪت ڪئي، سرٽيفڪيشن تقريب ۾ ڪميونٽي ميمبرن ۽ سرڪاري اسٽيڪپ هولڊرز کي سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون پيش ڪيون ويون، ۽ انهن جي ڪوششن کي ساراهيو ويو. تقريب جي اختتام ۾ پروجيڪٽ مينيجر حيدر علي جتوئي سمورن شرڪت ڪندڙن ۽ اسٽيڪ هولڊرز جي گڏيل ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Aug 2025
•
پاکستان
بینظیر بھٹو گریجویٹ اسکالرشپس آکسفورڈ میں بلوچستان کے طلبا کے لیے سنہری موقع
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
بانی پی ٹی آئی نے محمود اچکزئی کو قومی اسمبلی میں اپوزیشن لیڈر کیلئے نامزد کردیا
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
اورنگی ٹاؤن میں زوردار دھماکے سے سیاسی جماعت کا دفتر زمین بوس، 7 زخمی
20th Aug 2025
•
کھیل
مصری اسٹرائیکر محمد صلاح نے تیسری بار ’پلیئر آف دی ایئر‘ ایوارڈ جیت لیا
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو ۾ نوجوان ناري نياڻي کي جنم ڏيڻ بعد فوت، وارثن جو ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جو الزام
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين پاران برساتي ايمرجنسي دوران هدايتون جاري
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ برسات جو ٻيو ڏينهن، زندگي مفلوج, سڪڻ ندي م فاٿل اٺن ڳوٺاڻن کي بچايو ويو
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پوليو جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سجاول
سماجي اداري پيني اپيل
0 تبصرے