English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ ھندو شادين لاء ٺھيل قانون جي پاسداري ۽ عملدرآمد لاء ضلعي سطح تي گڏجاڻي
125 views
|
24th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ حڪومت پاران ھندو شادين جي لاء ٺاھيل قانون جي پاسداري ۽ عمل درآمد لاء ضلعي سطح تي گڏجاڻي ڪوٺائي ويئي، سماجي حلقن جي وڏي انگ ۾ شرڪت خبر موجب سنڌ حڪومت پاران جوڙيل قانون سنڌ ھندو ميريج ايڪٽ 2018 جي حوالي سان ڪالھ عمرڪوٽ ضلع ڪائونسل ھال ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي ويئي جنھن ۾ سنڌ ھيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرمين اقبال ڏيٿو، ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ عمرڪوٽ ھريش چندر ۽ مساوي اداري جي نمائندي سميت ٻين شرڪت ڪندي سنڌ حڪومت پاران جوڙيل قانون سنڌ ھندو ميريج ايڪٽ (2018) تي عمل ڪرائڻ ۽ ان جي عملدرآمد ۽ پاسداري دوران ايندڙ مسئلن تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي، قانون کي عمل ۾ آڻڻ لاء ورتل ڪوششن ۽ گھربل ڪوششن تي پڻ ڳالھايو ويو ان موقعي تي چيئرمين سنڌ ھيومن رائيٽس ڪميشن اقبال ڏيٿو چيو ته اسان ھندو ميريج ايڪٽ جي عمل درآمد لاء مساوي اداري سان گڏجي ڪم ڪري رھيا آھيون جنھن جو بنيادي مقصد آھي ته سنڌ ۾ ھندو ڪميونٽي جون شاديون رجسٽر ٿين ۽ انھن کي رجسٽريشن ۾ پڻ سھولت فراھم ڪئي وڃي، اسان قانون جي پاسداري لاء نادرا سان گڏجي ضلع عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جي مختلف يونين ڪائونسلن ۾ رجسٽريشن مھم ھلائي ماڻھن کي رجسٽريشن ۾ سھولتون فراھم ڪيون آھن ھن چيو ته اسان مختلف ادارن سان گڏجي لوڪل سطح تي پڻ آگاھي فراھم ڪري لوڪل ڪميونٽين توڙي لوڪل سطح تي ڪم ڪندڙ يوسي چيئرمين ء سيڪريٽريز جي قانون بابت تربيت پڻ ڏينداسين ته جيئن شاديون قانون تحت رجسٽر ٿي سگھن ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ ھريش چندر چيو ته نادرا جي پاليسين ۾ تبديلي ڪري اسان ھندو ڪميونٽي کي پڻ سھولتون فراھم ڪيون آھن ته جيئن اھي پنھنجيون شاديون رجسٽر ڪرائي سگھن، تنھن نتيجي ۾ اسان وٽ صرف گذريل مھيني ۾ 300 کان مٿي شاديون رجسٽر ٿيون آھن ھن چيو ته اسان ۽ توھان گڏجي ان قانون جي عمل درآمد لاء پڻ ڪوششون ڪنداسين جيئن لوڪل سطح جي ماڻھن کي فائدو رسي سگھي سماجي اڳواڻ علي اڪبر راھمون چيو ته قانون بابت بنيادي سطح تي اڳاھي ڏيڻ جي ضرورت آھي جيڪو پاڻ چاھيون ته وڊيوز ۽ ٿري ڊي ڊاڪيومينٽريز ذريعي آساني سان ڪميونٽي سطح تي آڳاھي ڏئي سگھون ٿا سماجي اڳواڻ مير حسن آريسر چيو ته اسان ھيومن رائيٽس ڪميشن ۽ لوڪل گورنمينٽ سان ھندو ميريج ايڪٽ جي عمل درآمد لاء مڪمل تعاون رھندو اليڪشن ڪميشنر عمرڪوٽ سيد طيب زوار ڳالھائيندي چيو ته عمرڪوٽ اھو واحد ضلعو آھي جتي رجسٽرڊ ووٽن ۾ صرف 5.5 سيڪڙو جيڊر گيپ آھي جيڪو ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ آھي گڏجاڻي دوران اسسٽنٽ ڊائريڪٽر منارٽي ڏپارٽمينٽ سڪندر علي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر وومين ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ طارق وحيد، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر ڏپارٽمينٽ خالد حسين، اسسٽنٽ ڊائريڪر نادرا عمرڪوٽ نور محمد ڀنڀرو سميت محمد بخش ڪنڀر، نريش ناٿ، سپنا ڪماري سميت ٻين اڳواڻن پنھنجا ويچار ونڊيا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
سنڌ ھيومن رائيٽس ڪميشن
اقبال ڏيٿو
0 تبصرے