English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف احتجاجي مظاهرا
140 views
|
30th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
تڪراري ڪئنال سنڌين جي موت جو پروانو آهن، ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ ٺهڻ نه ڏينداسين: اڳواڻ
شھدادڪوٽ/ ڪراچي(رپورٽرز وٽان)قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر، نياز علي عمراڻي، جاويد جمالي، اصغر جمالي ۽ ٻين جي اڳوآڻي جي ۾ شھدادڪوٽ جي مين چوڪ ڪوٽو موٽو چوڪ تہ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ منان شيخ، فياض اتيرو، ڪاشف خاصخيلي، حسين سنڌي، پير بخش، اياز گُل ڄامڙو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي بلال چورنگي کان مرتضي چوڪ بلال ڪالوني تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھرراھوجي ريلي کي خطاب ڪندي چيو تہ پاڻي زندگي آهي، 6 نوان ڪئنال ٺھي ويا تہ سنڌ ڀڙڀانگ ويران ٿي ويندي سنڌ جي ماڻھن کي پيئڻ جو پاڻي بہ نہ ملندو. پاڻي جو معاملو رڳو آبادگارن جو ناھي. پاڻي جو معاملو زندگي جو معاملو آھي. ڪشمور کان ڪراچي تائين ڪروڙين ماڻھن، پکين ۽ جانورن کي اڃ مارڻ جي سازش ٿي رھي. سنڌ جا ماڻھو پنھنجو پنهنجي درياھ کي بچائڻ لاءِ جدوجھد جي ميدان تي اچن. سنڌ جي سرسبز آباد لکين ايڪڙ زمين کي بنجر بڻائي پنجاب جي 48 لک ايڪڙ غير آباد زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي. پيپلز پارٽي ۽ زرداري پاڻي تي ڌاڙي ۾ سھولتڪار آھن. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ منان شيخ خطاب ڪندي چيو تہ سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي ھٿ سان تباھ ۽ بنجر ڪرڻ جي سازش آھي، سنڌ اڳ ۾ ئي سوڪھڙي جو شڪار آهي وري مٿان سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر ۽ تباھ ٿي ويندي. 6 نون ڪئنالن جو منصوبو سنڌ جي پنج ھزار سالا تھذيب تي حملو آھي سنڌ کي بنجر بنائڻ جو منصوبو آھي. سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مختلف ڪمپنين ۽ ادارن کي ڏئي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ فياض اتيرو خطاب ڪندي چيو تہ سنڌو ڌريا 7 ڪروڙ سنڌين جو وجود آهي سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن جي زندگي جو اهم ترين سرچشمو آهي اهو نہ رڳو زرعي پيداوار لاءِ پاڻي فراهم ڪري ٿو پر اسان جي زندگي جو واحد ذريعو آهي 6 نوان ڪئنال ڪڍي اسان جو وجود ختم ڪيو پيو وڃي سنڌو درياءُ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ معني سنڌ جو ساھ ڪڍڻ جي برابر آهي. جيڪڏهن اسان اڄ نہ اٿياسين تہ هميشه لاءِ پنهنجي ڌرتي تان ختم ٿي وينداسين پنجاب سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌو درياھ کي قيد ڪرڻ چاهي ٿو.ريلي ڪاشف خاصخيلي، نيازعلي عمراڻي، جاويد جمالي، حسين سنڌي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قومي عوامي تحريڪ
تڪراري ڪئنالن
شھدادڪوٽ
0 تبصرے