English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
2024 ملڪ ۽ سنڌ جي ماڻھن لاءِ بيڊ گورننس جي ڪري بدتر رھيو: اياز لطيف پليجو
views
|
01st Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياھ ڪارونجھر، لکين ايڪڙ زمين، ٻيٽن، ميرٽ لاءِ سڄي سنڌ کي جاڳائي جدوجھد ڪئي ويندي
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ 2024 ملڪ ۽ سنڌ جي ماڻھن لاءِ بيڊ گورننس جي ڪري بدتر رھيو. اقتداري مفادن خاطر سنڌ جا وسيلا داءُ تي لڳايا ويا.اتر سنڌ جا ضلعا ڌاڙيل راج جي ڪري جھنم بنايا ويا. نياڻيون ۽ معصوم ٻار اغوا ڪري قتل ڪيا ويا. سنڌو درياھ تي قاتل منصوبا مڙھڻ جي رٿا جوڙي وئي. سنڌي ماڻھو پنھنجي قومي ۽ انساني حقن لاء سڄو سال جدوجھد جي ميدان تي رھيا ۽ حڪمران گونگا ۽ ٻوڙا رھيا. نئين سال کي قومي ۽ انساني حقن جي جدوجھد جو سال ڪري ملھايو ويندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڇا بہ ٿي پوي سنڌو درياھ تي قاتل منصوبا قبول نہ ڪيا ويندا. سنڌو درياھ ڪارونجھر، لکين ايڪڙ زمين، ٻيٽن، ميرٽ لاءِ سڄي سنڌ کي جاڳائي جدوجھد ڪئي ويندي.اياز لطيف پليجي چيو تہ جدوجھد کان سواءِ اڳتي وڌڻ جو ٻيو ڪو بہ رستو ناھي. نوجوان تعليم تي ڌيان ڏين. ميرٽ سان مقابلو ڪن. اعلي تعليم ۽ روزگار لاءِ ٻين ملڪن ڏانھن وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسڪالرشپس حاصل ڪن. نوڪرين لاء ڪرپٽ وزيرن ۽ وڏيرن جي بنگلن جا چڪر ھڻڻ بدران ھنرمند ٿين. پنھنجو روزگار قائم ڪن. ٻين ملڪن ڏانھن روزگار لاءِ وڃن. ڪاميابيون مقابلا ڪرڻ وارن جا قدم چمنديون آھن. ايندڙ وقت اڃا وڌيڪ مشڪل وارو ٿي سگھي ٿو. انڪري سنڌ جا ماڻھو ڳوٺن مان نڪري وڏن شھرن ۾ اچن. ڪراچي اچن. روزگار ڪن. ننڍا ننڍا ڪاروبار شروع ڪن. قومي حقن جي جدوجھد کان لاتعلق ٿيڻ بدران ان ۾ شامل ٿين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Jun 2025
•
پاکستان
فیصل آباد : اوباش لڑکے نے چھیڑ خانی سے منع کرنے پر لڑکی پر فائرنگ کر کے قتل کرديا
29th Jun 2025
•
پاکستان
فیصل آباد میں بدبخت بیٹے کی فائرنگ سے ماں جاں بحق ہو گئی، باپ اور بھائی زخمی، ملزم گرفتار
27th Jun 2025
•
سندھ
کراچی، تاجر کے گھر میں بڑی ڈکیتی کرنے والی ٹک ٹاکر بہن اور بھائیوں سمیت گرفتار
27th Jun 2025
•
تازہ ترین
اسرائیلی خفیہ ایجنسیوں سے روابط کے الزام میں ایران میں پھانسیاں اور گرفتاریاں
29th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
محرم الحرام جي حوالي سان ڏوڪري ۽ ڀرپاسي ۾ لبيڪ يا حسين عه جون صدائون بلند
29th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي ملڪ جي ڪا به يونيورسٽي عالمي معيار جي نه ھجڻ تي افسوس جو اظھار
29th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
مورو انتظاميا پاران محرم الحرام جي عزاداري جي روٽس جو دورو
29th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
لکي غلام شاهه شھر ۾ مٺو پاڻي گذريل 40 سالن کان شھر واسين لاءِ خواب بڻيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے