English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڌاٻيجي ويجهو قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، گهوٽ سميت 4 ڄڻا اجل جو شڪار
30 views
|
09th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو(شفيق ڀٽي)ڌاٻيجي ويجهو قومي شاهراهه تي تيز رفتاري سبب ٻن ڪارن ۾ خوفناڪ ٽڪر، چار ڄڻا فوت، ٻه ڄڻا زخمي. تفصيل موجب ڌابيجي ويجهو قومي شاهراهه تي تيز رفتاري سبب ٻن ڪارين وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي گاڏين ۾ باهه لڳي وئي. حادثي ۾ هڪ عورت سميت چار ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته ٻه ڄڻا سخت زخمي آهن. ذريعن موجب حادثو ان وقت پيش آيو، جڏهن تيز رفتاري سبب ٻئي ڪارون ڊرائيورن جي ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري ويون ۽ هو پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون. ڪارن جي ٽڪرائڻ سبب ٻنهي گاڏين ۾ باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت ياسمين ۽ ٻه ڄڻا امتياز ۽ اظهار الحسن موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته شاهه زين زخمن جا سور نه سهندي بعد ۾ فوت ٿي ويو،خوفناڪ حادثي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 4 ٿي ويو. حادثي زخمي ۽ فوت ٿيل ماڻهن کي فوري طور رورل هيلٿ سينٽر گهارو منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ٻن زخمي سخت ڳڻتي جوڳي حالت ۾ آهن جن کي ڪراچي ريفر ڪيو ويو آھي. ياد رهي ته روڊ جي تعمير جي سلسلي ۾ هڪ ٽريڪ بند آهي ۽ هڪ ئي ٽريڪ تي ٻنهي طرفن جون گاڏيون هلي رهيون آهن، جنهن سبب اهڙا حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
دلچسپ اور عجیب
30 سال بعد مریض کے معدے سے لائٹر برآمد، ڈاکٹر بھی دنگ رہ گئے
14th Dec 2025
•
سندھ
شکارپور میں صوبائی اسمبلی کی نشست پر ضمنی الیکشن آج، کنٹرول رومز فعال
14th Dec 2025
•
پاکستان
فیلڈ مارشل کو بلاول کا اجرک و ٹوپی کا تحفہ، اسلام آباد کی سیاست میں نئی سرگوشیاں
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
14th Dec 2025
•
دلچسپ اور عجیب
30 سال بعد مریض کے معدے سے لائٹر برآمد، ڈاکٹر بھی دنگ رہ گئے
14th Dec 2025
•
سندھ
شکارپور میں صوبائی اسمبلی کی نشست پر ضمنی الیکشن آج، کنٹرول رومز فعال
14th Dec 2025
•
پاکستان
فیلڈ مارشل کو بلاول کا اجرک و ٹوپی کا تحفہ، اسلام آباد کی سیاست میں نئی سرگوشیاں
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڌاٻيجي
ٺٽو
ومي شاهراه
0 تبصرے