English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ گندگي خلاف 10 ڏينھن به ميونسپل آفيس ۽ پريس ڪلب سامهون احتجاج
views
|
09th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
پڊعيدن روڊ، اسٽيشن روڊ، مٺياڻي روڊ، مورو روڊ، شاھي بازار، ڪاليج روڊ سميت سڄي شهر ۾ گندو پاڻي بيٺل آهي: مظاهرين
نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ گندگي خلاف 10 ڏينھن ميونسپل آفيس ء پریس کلب جي سامهون احتجاج ڪيو ويو، شھر جي مختلف علائقن پڊعيدن روڊ، اسٽيشن روڊ، مٺياڻي روڊ، مورو روڊ، شاھي بازار، ڪاليج روڊ سميت سڄي شهر ۾ گندو پاڻي بيٺل، مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جو احتجاج، احتجاج جي اڳواڻي اي پي اي اڳواڻ محمد يونس راڄپر، ايم ظفر تڳر، ايس يو پي اڳواڻ خادم سيال، مولابخش مشوري، ضمير حسين وسطڙو، اختر علي چانڊيو، فقير ميهر علي بهڻ، ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻ چيو ته نوشهروفيروز جي نااهل انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي لاپرواهي سبب نوشهروفيروز شهر 16 وارڊ گندگي جو ڍير بڻجي ويا آهن سڄو شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويو آھي جنهن سبب شهر جا معصوم ٻار ۽ شاگرد مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن پر انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي ڪنن تي جونء به نه ٿي چري هنن چيو ته نوشهرو فيروز جا روڊ رستا، مين چوڪ ۽ هيٺائين وارا علائقا، قبرستانن ، اسڪولن ۽ مسجدن سامهون ڊرينيج جو گندو پاڻي بيٺل رهي ٿو جنهن ڪري شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ دڪاندارن جو ڪاروابار به ٺپ ٿي ويو آهي هر طرف گندگي جا ڍير هجڻ ڪري شهر کنڊر جو ڏيک ڏئي رهيو آهي ميونسپل ڪاميٽي جي 3 ڪروڙ کان وڌيڪ بجيٽ آھي پر اها رقم ڪوڙن ووچر ذريعي هڙپ ڪئي وڃي ٿي صفائي ڪندڙ سوين ملازمن کي ويزا تي ڇڏيو ويو آھي هنن اعلا اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ميونسپل چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف مصطفي ميمڻ، ميونسپل آفيسر ۽ آڊٽ آفيسر خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jun 2025
•
سندھ
کراچی، تاجر کے گھر میں بڑی ڈکیتی کرنے والی ٹک ٹاکر بہن اور بھائیوں سمیت گرفتار
27th Jun 2025
•
تازہ ترین
اسرائیلی خفیہ ایجنسیوں سے روابط کے الزام میں ایران میں پھانسیاں اور گرفتاریاں
27th Jun 2025
•
پاکستان
پی ٹی آئی میں اختلافات، جنید اکبر اور اسد قیصر نے پارٹی پالیسیوں سے لاتعلقی کا اعلان کر دیا
27th Jun 2025
•
شوبز
شادی اردو بولنے والے خاندان میں ہوئی ہے، پنجابی میں صرف گالیاں دینا آتا ہے: زارا نور عباس
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ضلعي ۾ وسڪاري ۽ مٽيءَ جي طوفان تباهي مچائي ڇڏي، زندگيءَ جو نظام درهم برهم
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري جي ڳوٺ پونا ڀيل ۾ وڄ ڪرڻ سبب نينگري فوت
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ وسڪاري دوران خوفزده ٿيل نوجوان فوت، پنج پلي وٽان لاش هٿ
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: اسٽيل ٽائون پوليس جي ڪارروائي، ڊسٽرڪٽ جيل مان فرار ٿيل قيدي گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهروفيروز
0 تبصرے