English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو حياتين کي خطري سبب دربدري جو شڪار
views
|
09th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
4جنوري تي عدالت ۾ نڪاح ڪيو، مائٽ مارڻ لاءِ ڳولي رهيا آهن: ناري سپنا
ملير (عبدالرشيد مورجھريو)پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي کي جان جو خطرو، انتظاميا کان مدد حاصل ڪرڻ لاء پرڻيل جوڙو پريس ڪلب پهچي ويو 4جنوري تي سنڌ هائي ڪورٽ پهچي نڪاح ڪيو آھي اسان جا مائٽ جان کان مارڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ اڙائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آھن شریعت محمدي تحت نڪاح ڪيو آھي گناه ناهي ڪيو انساني حقن جون تنظيمون، آئي جي سنڌ، ايس ايس پي ملير مخالفن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪن مسمات سپنا ۽ عصمت جمالي جي پريس ڪانفرنس تفصيل موجب ٽنڊو باگو ۽ ٽنڊو يوسف حيدر آباد جي رهواسي نوجوان جوڙي مسمات سپنا ڌيءَ محمد اقبال ۽ عصمت علي جمالي ولد يعقوب جمالي عوامي پريس ڪلب ملير پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي صحافين کي ٻڌايو آھي ته هنن ڪراچي ۾ 4جنوري تي عدالتي پرڻو ڪيو آھي مسمات سپنا ۽ سندس ور عصمت علي جمالي جو چوڻ هو ته عدالتي پرڻي کانپوء مسمات سپنا جو پيء محمد اقبال چاچا نورالله، لياقت، سليم ۽ ٻيا کين جان کان مارڻ لاء ڳولا ڪري رهيا آھن ۽ خبر پئي آھي ته هو اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ اڙائي گرفتار ڪرائڻ چاهين ٿا سپنا ۽ عصمت علي وڌيڪ چيو ته انهن شریعت محمدي تحت نڪاح ڪيو آھي ڪو گناھ ناهي ڪيو پر ڄاڻايل مائٽ غير قانوني طرح کين ڌمڪيون ڏيئي حيسائي رهيا آھن هن وقت اسان ملير ضلعي جي مختلف علائقن ۾ پناھ وٺي جان بچائڻ ۾ پورا آھيون هنن نڪاح نامو ڏيکاريندي انساني حقن جي تنظيمن آئي جي سنڌ ايس ايس پي ملير ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته هو اسان جي جان بچائڻ لاء مدد ڪن ۽ انتقامي ڪاروائي جون ڌمڪيون ڏيندڙ خلاف قانوني ڪاروائي ڪن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
پسند جو پرڻو
0 تبصرے