English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ناميارو اديب، ليکڪ ۽ سينئر صحافي پروفيسر بيدار جعفري ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو
159 views
|
06th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ ٻين پاران پروفيسر بيدار جعفري جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
ملير (عبدالرشيد مورجھريو) ناميارو اديب ليکڪ ۽ صحافي پروفيسر بيدار جعفري دل جو دورو پوڻ سبب ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جنازي نماز ۾ اديبن، شاعرن، صحافين ،سياسي سماجي اڳواڻن سميت علائقي واسين جي شرڪت، تعليم ۽ صحافت جي شعبي ۾ وڏو خال پيدا ٿيو آهي، توانائي جي وزير ناصر شاهه پاران ڏک جو اظهار تفصيل موجب ناميارو اديب ليکڪ ۽ صحافي پروفيسر ديدار علي المعروف بيدار جعفري دل جو دورو پوڻ سبب ڪراچي ملير جي علائقي پپري ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جنازي نماز ۾ اديبن، شاعرن، صحافين، سياسي سماجي اڳواڻن سميت سندس چاهيندڙن ۽ علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، پروفيسر بيدار جعفري جي وڇوڙي تي توانائي جي وزير ناصر شاهه ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته هو نفيس ۽ بهترين طبيعت جو مالڪ هو، سندس وڇوڙي سان تعليم ۽ صحافت جي شعبي ۾ وڏو خال پيدا ٿيو آهي جيڪو ڀرجڻ انتهائي ڏکيو آهي، سندس علمي ادبي خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون، بيدار جعفري متعلق سيد شبير شاهه جو چوڻ هو ته هو پنهنجي نالي وانگر بيدار شخص ۽ بي پناهه خداداد صلاحيتن جو مالڪ هو، بيدار هڪ شفيق استاد ۽ سنڌي توڙي اردو ۽ انگريزي زبان تي دسترس رکندڙ بهترين ليکڪ هو ۽ هن جو هڪڙو تاريخي ڪتاب "باڊهه بوند بهار" پڻ ڇپيل آهي، پروفيسر بيدار جعفري جو مڙهه سپر هاءِ وي لڳ واديءِ قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پروفيسر بيدار جعفري
ليکڪ ۽ سينئر صحافي
پروفيسر ديدار علي المعروف بيدار جعفري
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه
0 تبصرے