English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پريالوءِ ويجهو ناريجا سولنگي خوني تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 نوجوان قتل
205 views
|
06th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ڳوٺ کولرا ۾ ناريجا برادري جي هٿياربندن گوليون هڻي محمد يامين سولنگي ۽ ثناءُ الله سولنگي کي قتل ڪري ڇڏيو
پريالوءِ (رپورٽر) پريالوءِ ڳوٺ کولرا ۾ ناريجا برادري جي هٿياربندن پاران وحشياڻو حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه نوجوان، محمد يامين سولنگي ۽ ثناءُ الله سولنگي، بي درديءَ سان قتل ٿي ويا. هي واقعو هلندڙ تڪرار تان ٿيو آهي . حملو ڪندڙ هٿياربندن ڳوٺ ۾ خوف ۽ دهشت پکيڙي فرار ٿي ويا. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڪشمڪش واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. مقتول نوجوانن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جتي ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويندا. مقامي ماڻهن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ علائقي ۾ امن قائم ڪيو وڃي. محمد يامين سولنگي ۽ ثناءُ الله سولنگي جا لاش پير جو ڳوٺ اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. مقتولن جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جا نوجوان مال چاري رهيا هئا ته ٽن موٽرسائيڪلن تي سوار ناريجا ڌر جي هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪري قتل ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پريالوءِ
ناريجا سولنگي
خوني تڪرار
0 تبصرے