English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
معظم عباسي غلطي مڃي تڏي تي اچي معافي وٺي، لاڙڪاڻي جي امن لاءِ ۽ سنڌ جي روايت موجب کيس بخش ڪنداسين: طارق انور سيال
257 views
|
07th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سيال هائوس تي فائرنگ وارو معاملو ، سيال ۽ عباسي خاندان ۾ ڇڪتاڻ تيز
باقراڻي؛ معظم علي عباسي پنهنجي غلطي تسليم ڪري تڏي تي اچي معافي وٺي ته لاڙڪاڻي جي امن خاطر سنڌ جي روايتن موجب ميڙ کي مان ڏئي کيس معاف ڪري ڇڏينداسين ، اڳوڻي صوبائي وزير سهيل انور سيال جي ڀاءُ پ پ اڳواڻ طارق انور سيال پاران سيال هائوس انور آباد ۾ پريس ڪانفرنس. رپورٽ موجب : سيال هائوس تي فائرنگ واري واقعي بعد سيال ۽ عباسي خاندان ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي، ان سلسلي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير ايم پي اي سهيل انور سيال جي ڀاءُ پ پ تعلقي باقراڻي جي صدر طارق انور سيال ، پ پ اڳواڻن محمد محسن مشوري ، سيد رياض حسين شاهه ، نديم اڪبر سيال ، سردار محسن خان آريجو ، نظير احمد جتوئي ۽ ٻين سان گڏجي سيال هائوس انور آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان امن پسند آهيون ڪڏهن به پنهنجي ذاتي مسئلن کي سياسي اشو ناهي بڻايو، جيڪڏهن گهر تي فائرنگ واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو ڪو غلط عمل ناهي ڪيو ، سياسي اشو بڻائڻ بجاءِ قانوني طريقو اختيار ڪيو آهي جيڪو اسان جو حق آهي، لاڙڪاڻي جي امن خاطر اسان اهڙو ڪو عمل نه ڪرڻ پئي چاهيو ته جنهن سان لاڙڪاڻي جو امن خراب ٿي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته عباسي ۽ مولانا صاحب هن معاملي کي هروڀرو سياسي اشو بڻائي رهيا آهن، طارق انور سيال وڌيڪ چيو ته اسان خانداني ۽ اوطاقي ماڻهون آهيون هميشه تڏي آيلن کي مان ڏنو آهي، مولانا راشد محمود سومرو غلط بياني ڪري رهيو آهي ته سيال کيس مان نه ڏنو، مولانا راشد محمود سومرو پاڻ غلطي تسليم ڪندي چيو ته اهو جيڪو ڪجهه ٿيو آهي غلط ٿيو آهي بس ان معاملي کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان سڀني کي اڳتي اچڻ گهرجي جنهن لاءِ مان معظم عباسي کي اوهان وٽ ايندس ۽ هو اوهان جي تڏي تي اچي معذرت ڪندو پر اسان کيس اهو چيو ته اسان کي مهلت ڏيو ته جيئن اسان پنهنجي ڀائرن، خاندان ۽ دوستن سان صلاح مشورو ڪري وٺون، ٻئي ڏينهن سوشل ميڊيا ۽ جلسن ۾ اهو بيان ڏنو ته سيال صاحبن مونکي ۽ سردار خان چانڊيو کي مان نه ڏنو اهو سراسر غلط آهي، اسان بار بار اهو چون پيا ته اسان لاڙڪاڻي جي امن خاطر هن واقعي کي سوشل ميڊيا تي آڻي سياسي اشو نه پيا بڻائڻ چاهيون، اسان ته پنهنجا خون به ميڙ وٺي اچڻ تي معاف ڪري ڇڏيا آهن هي ته گهر تي فائرنگ جو واقعو آهي، هن وڌيڪ چيو ته هو ته اهو به چون پيا ته لاڙڪاڻي ۾ گذريل چونڊن ۾ ٿيل خونريزي واري معاملي جو 20 تاريخ رٿيل فيصلي کي متاثر ڪرڻ لاءِ اهو اشو پيدا ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن ائين هجي ها ته اسان هن واقعي کي قانوني رستو اختيار ڪرڻ بدران سياسي اشو بڻايون هان، طارق انور سيال هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان جا دروازا 24 ڪلاڪ کليل آهن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
طارق انور سيال
معظم علي عباسي
GDA
PPP
0 تبصرے