English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جماعت اسلامي جي اعليٰ سطحي وفد جي اياز لطيف پليجي سان ملاقات، اي پي سي ۾ شرڪت جي دعويٰ
214 views
|
08th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ملاقات دوران 12 جنوري تي سکر ۾ رٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت، سياسي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان جماعت اسلامي جي سينيئر اڳواڻ مولانا اسدالله ڀٽو، محمد حسين محنتي، مولانا وحيد قريشي، حافظ طاھر مجيد، مجاهد چنا جي اڳواڻي ۾ اعلي سطحي وفد سندس رھائشگاھ المصطفي ٽائون قاسم آباد پھچي ملاقات ڪري 12 جنوري تي بدامني ۽ ڌاڙيل خلاف سکر آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ملاقات ۾ سنڌ ۽ ملڪ جي صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آھي. سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جا لکين ماڻھو يرغمال آھن. حڪومت جا وزير ڏوھن ۽ منشيات جي سرپرستي ڪري رھيا آھن. گرين انيشيٽو سنڌ کي بنجر ۽ ڀڙڀانگ بنائڻ جو منصوبو آھي. آصف زرداري ايوان صدر ۾ ويھي سنڌ جي پاڻي ۽ زمينن تي ڌاڙا ھڻائي رھيو آھي. اقتدار لاءِ سنڌ جا وسيلا نيلام ڪيا پيا وڃن. جماعت اسلامي جي سينيئر اڳواڻ مولانا اسدالله ڀٽو چيو تہ ڌاڙيل راڄ جي ڪري ماڻھو لڏپلاڻ تي مجبور آھن. سنڌ حڪومت جي ناڪام ۽ ناقص پاليسين جي ڪري بدامني جي باھ ٻري رھي آھي. اتر سنڌ جي ضلعن ۾ اغوا، ڌاڙن ۽ قتل غارت گيري جي ڪري عوام جو جيئڻ جنجال آھي. سنڌ حڪومت امن بحال نٿي ڪرائي سگھي. جماعت اسلامي امن امان جي صورتحال جي بھتري لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ 12 جنوري تي سکر ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪري رھي آھي، جنھن ۾ سمورين جماعتن کي دعوت ڏني وئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ بدامني، سنڌو تي ڌاڙن ۽ بيڊگورننس خلاف قومي عوامي تحريڪ جدوجھد جي ميدان تي آھين جماعت اسلامي جي اي پي سي وقتائتو قدم آھن، اي پي سي جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
محمد حسين محنتي
مولانا اسد الله ڀٽو
جماعت اسلامي
قومي عوامي تحريڪ
حيدرآباد
0 تبصرے