English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
رسول بخش پليجو سنڌو درياھ جو وڪيل ھو: اياز لطيف پليجو
194 views
|
19th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي ڏاهي رسول بخش پليجي جي سالگرهه اڄ ملهائي ويندي
حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ پاران سڀاڻي (اڄ) عظيم مفڪر رسول بخش پليجو جي 95 سالگرھ سڄي سنڌ ۾ ملھائي ويندي.ان سلسلي ۾ سڄي سنڌ ۾ تقريبون ڪوٺايون ويون آھن. قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ سميت سمورن محاذن جا مرڪزي اڳواڻ عظيم مفڪر رسول بخش پليجو جي جدوجھد تي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندا. قومي عوامي تحريڪ سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ رسول بخش پليجو صاحب مضبوط دليلن سان سنڌ جي پاڻي جو ڪيس وڙھيو، رسول بخش پليجو صاحب سنڌو درياھ جو وڪيل ھو ھن سڄي سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهرن ۾ وڃي ھارين، مزدورن، عورتن، شاگردن ٻارن کي بيدار ڪيو. رسول پليجو اھا يونيورسٽي ھو، جنھن سنڌ جي عوام کي عالمي ادب، ترقي پسندي، روشن خيالي، انسان دوستي، مظلوميت جو طرفداري، انتھاپسندي، ڪرپشن خلاف ۽ رات جي رھزنن سان وڙھڻ سيکاريو۔اياز لطيف پليجي چيو تہ رسول بخش پليجو صاحب سنڌو درياھ تي ڌاڙي، ڪالاباغ ڊيم، گريٽر ٿل ڪئنال، غير قانوني پرڏيھين، مھاجر صوبي، ون يونٽ، زمينن جي نيلامي، پيپلز پارٽي جي ڪرپشن خلاف بي مثال تحريڪون ھلائي لازوال ڪاميابيون حاصل ڪيون.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ سڀ کان وڌيڪ روينيو ڏيندڙ صوبو آھي. سنڌ جو تيل، گئس ۽ ٻيا وسيلا وفاق جي حوالي آھن. سنڌ جي ڪمائي تي سڄو ملڪ ھلي ٿو. سنڌ ۾ جتان گئس نڪري ٿو اتي جا ماڻھو گئس جي سھولت کان محروم ڪيا ويا آھن. ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ بجلي جي لوڊ شيڊنگ سنڌ ۾ آھي. گئيس جي لوڊ شيڊنگ جو عذاب بہ سنڌ ۾ آھي. سڀ کان وڌيڪ مھانگائي بہ سنڌ ۾ آھي. ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن بہ سنڌ ۾ آھي. سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آھي، روزگار ناھي، بک، بدحالي ۽ بيروزگاري آھي، جھالت ۽ لاقانونيت آھي سنڌ جا ماڻھو عوام دشمن نظام مان بيزار آھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
رسول بخش پليجو
0 تبصرے